اسرائيلي جنگي جهازن جي غزا تي بمباري جي نتيجي ۾ ڳورهاري عورت ۽ ٻارڙيءَ سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 40 زخمي

اسرائيلي جنگي جهازن جي غزا تي بمباري جي نتيجي ۾ ڳورهاري عورت ۽ ٻارڙيءَ سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 40 زخمي ٿيا آهن.

گذريل ڏينهن کان جاري اسرائيلي حملن ۾ چار فلسطيني مارجي ويا. فلسطيني اختيارين موجب مارجي ويلن ۾ هڪ ڳورهاري عورت ۽ هڪ 14 مهينن جي ٻارڙي به شامل آهي پر اسرائيلي فوج الزام مڙهيو آهي ته اهي ٻئي حماس جي فائرنگ ۾ مارجي ويون.

غزا جي صحت واري وزارت موجب اسرائيلي حملي ۾ 14 مهينن جي صبا ابو ارار ۽ 37 ورهين جي ڳوهاري عورت سخت زخمي ٿي پيون، جن اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.

 اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته غزا مان جيل تائين 430 راڪيٽ حملا ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ اسرائيل طرفان جوابي حملا جاري آهن.

هوڏانهن آمريڪا اسرائيلي جارحيت جي حمايت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل کي پنهنجي بچاءَ جو حق آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.