ٿر جي گوڙاڻو تلاءَ ۾ مڇي جي پالنا جي ڪامياب تجربي کانپوءِ سنڌ سرڪار پاران ٿر ۾ ”ڊيزرٽ فش انيشي ايٽو“ پروگرام جو اعلان

سنڌ سرڪار پاران ٿر ۾ غذائي کوٽ جي خاتمي لاءِ مڇي جي پالنا واري پروگرام جو اعلان
سنڌ سرڪار پاران ٿر ۾ غذائي کوٽ جي خاتمي لاءِ مڇي جي پالنا واري پروگرام جو اعلان

ٿر ۾ ڪوئلي هيٺيان نڪرندڙ جر جي پاڻي تي گوڙاڻو تلاءَ ۾ مڇي جي پالنا جي ڪامياب تجربي کانپوءِ سنڌ سرڪار پاران ٿر ۾ ”ڊيزرٽ فش انيشي ايٽو“ پروگرام جو اعلان ڪري ڇڏيو

ٿر ۾ ڪوئلي هيٺيان نڪرندڙ جر جي پاڻي تي گوڙاڻو تلاءَ ۾ مڇي جي پالنا جي ڪامياب تجربي کانپوءِ سنڌ سرڪار پاران ٿر ۾ ”ڊيزرٽ فش انيشي ايٽو“ پروگرام جو اعلان ڪري ڇڏيو، پروگرام تحت گوڙاڻو ۾ فش هيچري قائم ڪئي ويندي، گوڙاڻو تلاءَ ۾ وڌيڪ ٻه لک مڇي جو ٻج ڇڏيو ويو، ٿر ۾ آبادگارن کي مڇي جا ننڍا تلاءَ تعمير ڪري روزگار جو ذريعو پيدا ڪري سگهجي ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي جي صوبائي وزير عبدالباري پتافي گذريل ڏينهن ٿرفائونڊيشن ۽ سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي سهڪار سان منعقد ڪرايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. گوڙاڻو تلاءَ ۾ ٿيل افتتاحي تقريب کي چيئرمين ضلع ڪائونسل ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ اعجاز احمد مھيسر، سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي مرتضي اظھر رضوي، ٿر فائونڊيشن جي محسن ٻٻر ۽ ڪميونٽي پاران حامد ڏوهٽ پڻ خطاب ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير عبدالباري پتافي چيو آهي ته گوڙاڻو ڊيم ۾ مڇي جو ٻج ڇڏڻ جو مقصد مقامي ماڻهن ۾ غذائي کوٽ جي پورائي ۽ روزگار جي نون ذريعن جو پيدا ڪرڻ آهي، هن چيو ته سندس پاران وزارت جي چارج سنڀالڻ وقت ئي ٿر ۾ ڏڪار جو اعلان ٿي چڪو هو ۽ ٿر ۾ اچي چوپائي مال کي بچائيندي سندن ويڪسينيشن ڪرڻي هئي، ٿر جو دورو ڪرڻ بعد اصل مسئلن جو پتو پيو، 5 سال پهريان ڀرتي ڪيل جانورن جي ڊاڪٽرن کي واعدي موجب ڪنفرم ڪنفرم ڪرايوسين جيڪي ھاڻي باقاعدگي سان ڊيوٽي ڪري رھيا آھن. ھن چيو ته وفاق پاران فنڊ جاري نه ٿيڻ ۽ فنڊز جي کوٽ باوجود اسان ٿر فائونڊيشن سان گڏجي 5 ڪروڙ روپين جي گرانٽ ذريعي ٿرپارڪر جي چار يونين ڪائونسلز ۾ چوپائي مال جي هڪ شفاف نظام ذريعي مال جو چارو ڪاميابي سان ورھايو ويو، ساڳي ئي گرانٽ مان وڌيڪ ٻه وڌيڪ يونين ڪائونسل ۾ چارو ورهائڻ جو سروي مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ جلد اتي به چارو ورهايو ويندو. هن چيو ته ٻئي مرحلي ۾ ٿرپارڪر جي 25 يونين ڪائونسلز ۾ 25 ڪروڙ روپين جي گرانٽ سان سروي ۽ مال جي چاري جي ورھاست جو ڪم به جلد شروع ڪنداسين. ھن چيو ته ٿر فائونڊيشن پاران گوڙاڻي ۾ مڇي جي پالنا واري ڪامياب تجربي مان آئون گهڻو متاثر ٿيس ۽ وڌيڪ تفصيل وٺڻ بعد هاڻي اسان ٿرفائونڊيشن سان گڏجي ڊزرٽ فش انيشي ايٽو Desert Fish Initiative شروع ڪريون پيا جنهن تحت گوڙاڻو تلاءَ ۾ مڇي جو وڌيڪ ٻه لک ڇڏڻ سميت علائقي ۾ هڪ فش هيچري پڻ قائم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هن پروگرام ذريعي اسان ٿر فائونڊيشن سان گڏجي ٻارن ۽ مائرن ۾ غذائي کوٽ کي پورو ڪنداسين. گوڙاڻو ۾ تيار ٿيل وڌيڪ مڇي ايندڙ مند ۾ به ماڻهن ۾ ورهائي ويندي جيئن مقامي ماڻهن کي فائدو پهچائي سگهجي ۽ ھن ڪم ۾ ٿر فائونڊيشن اسان کي ھميشه سپورٽ ڪيو آهي. ھن چيو ته ڊزرٽ فش پروگرام تحت جيڪي زمينون ٿرڪول ۽ گوڙاڻو ۾ آيون آهن، انهي علائقي ۾ مقامي ماڻهن کي ننڍا ننڍا تلاءُ ٺاهي، مڇي جا ٻج وجهي ڏيئي مڇي جي پالنا ڪري سگهجي ٿي، جنهن سان نه رڳو غذائي کوٽ جو خاتمو ايندو پر هڪ بهترين روزگار جو ذريعو پڻ ٿي پوندو. ھن چيو ته لائيواسٽاڪ کاتو پبلڪ پرائيويٽ پراجيڪٽ تحت کير کي ٿڌو رکڻ جا پلانٽ لڳائي کير جي خريداري جي هڪ پروگرام تي پڻ غور ڪن پيا جيئن ماڻھن جو روزگار ٿي پوي. هن چيو ته نامياتي کير ۽ گوشت جي پوري دنيا ۾ اھميت آهي ۽ اهو ٿر ۾ وڏي پئماني تي موجود آهي. سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي ڊائريڪٽر سائيٽ مرتضي اظهر رضوي چيو ته ٿر جي ڪوئلي جي کوٽائي مان نڪرندڙ پاڻي کي گوڙاڻو ڊيم ۾ ڇوڙ ڪرڻ ۽ چڪاس ڪرڻ بعد فيصلو ڪيو ويو ته ڇو نه انھي پاڻي ۾ مڇي جي پالنا ڪري ڏسجي ۽ آزمائشي تجربي بعد مڇي جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو ۽ حاصل ڪيل مڇي کي مقامي ڳوٺاڻن، رٿا تي ڪم ڪندڙ مزدورن، ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي رهائشين ۾ مفت تقسيم ڪئي ويئي. هن چيو ته ٿر فائونڊيشن جو مقصد ئي مقائي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ جوڳا اپاءَ وٺڻ ۽ انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي. هن چيو ته اسان مڇي جي پالنا جي فزيبلٽي رپورٽ پڻ ٺاهي آهي جيڪا اسان حڪومت سنڌ کي ڏينداسين ته جيئن ماڻهن کي ننڍا ننڍا تلاء ٺاهي مڇي جو ٻج ڏنو وڃي ته جيئن انهن لاءِ روزگار جا موقعا پڻ ميسر ٿي سگهن. لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي سيڪريٽري اعجاز احمد مھيسر چيو ته اسان کي گوڙاڻو تلاءَ جي مڇي جي افزائش نيون راهون کوليون آهن جنهن کي اسان اڳتي وڌائي رهيا آهيون. کاتي جو ڊزرٽ فشريز پروگرام ٿر جي ماڻهن ۾ غذائي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ مددگار ۽ روزگار جو ذريعو پڻ ثابت ٿيندو. ضلع ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو چيو ته گوڙاڻي ڊيم ۾ مڇي ڇڏڻ بھتر ڪم آهي جنهن سان هتان جي ماڻهن کي فائدو ٿيندو، انھي ڪم تي لائيو اسٽاڪ فشريز ڊپارٽمينٽ جس لهي جنهن ٿر ۾ ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. ٿرفائونڊيشن جي محسن ٻٻر چيو ته ٿرفائونڊيشن، سنڌ سرڪار سان گڏجي مختلف رٿائن تي ڪم ڪري پئي، جنهن جو مقصد ٿر جي ماڻهن جي جٽادار ترقي کي يقيني بنائڻ آهي. گوٺ گوڙاڻي جي چڱي مڙس حامد ڏوهٽ چيو ته اسان کي مڇي مان گهڻو فائدو پيو آهي, ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته جن ماڻهن جو زمينون گوڙاڻي تلاءِ واري اسڪيم ۾ ويون آهن انهن کي مڇي جا ننڍا ننڍا تلاءَ تعمير ڪري مڇي جي پالنا جا پراجيڪٽ ڏنا وڃن جيئن سندن روزگار جو ذريعو بنجي سگهي

Government of Sindh on Friday launched “Desert Fisheries Initiative” in collaboration with Thar Foundation.
Under the initiative, a fish hatchery will be established at Gorano Reservoir to provide fish seed to the owners who will establish small fish ponds. The hatchery will also be used to grow fish at the Gorano Reservoir, this was announced by the Minister for Livestock and Fisheries, Abdul Bari Pitafi during a ceremony held at the Gorano Reservoir.
The minister also handed over 200,000 fish seeds to Thar Foundation and to launch the initiative formally, released fish seeds in the Gorano Reservoir. Secretary Fisheries and Livestock Dept Mr. Aijaz Mahesar and DG Fisheries Mr. Alahdad Talpur were also present on the occasion.

Leave A Reply

Your email address will not be published.