ڪرونا سبب تبديل ٿيندڙ دنيا جا خيال

ڪرونا سبب تبديل ٿيندڙ دنيا جا خي

مرتضى جروار

موجوده  عالمي صورتحال هڪ دفعو ٻيهر  جمود جو شڪار ٿيل انساني ذهنن ۾ بيشمار سوالن کي جنم ڏئي رهي آهي ته  ڇا  ڪرونا جي اها  وبا  قدرتي آهي يا وري نوول ڪرونا  ڪنهن طاقتور ملڪ جي پاران ايجاد ڪيل ڪو نئون حياتياتي هٿيار آهي؟  ٻنهي صورتن ۾  حڪمران  پنهنجي ملڪ جي  عوام جي بچاءَ کي ڪئين ممڪن بڻائيند؟ اهي سوال هڪ طرف ماڻهن جي اندر موجوده سماجي ڍانچي  خاص طور تي سياسي قابليت  ۽ طرز حڪمراني جي نقصن ۽ خامين جي نشاندهي ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف ٽئين دنيا جي پوئتي پيل ملڪن جي ماڻهن کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن موجوده عالمي بحران اڃا بہ وڌيڪ ڪنهن خطرناڪ صورتحال طرف وڌي ٿو تہ انهئي صورت ۾ هو پنهنجي بقا جي جنگ کي ڪئين ممڪن بنائيندا ؟ ۽  بنا ڪنهن اسريل ملڪ جي امداد ۽ قرضن جي  ڪهڙي طرح ھوءِ پنهنجي ملڪ اندر سماجي ۽ معاشي استحڪام پيدا ڪري سگهندا؟ اهي سڀ سوال عوام جي اندر  اضطرابي ڪيفيت کي جنم ڏئي رهيا آهن جنهن سبب دنيا ۾ موجود خيالن ۾ زبردست تبديلي اچي رھي آھي

ٻئي عالمي جنگ کان پوءِ دنيا جي نقشي تي پنھنجي حاق ڄمائيندڙ  آمريڪا گذريل ست ڏھاڪن کان دنيا جي ھر ننڍي کان وڏي  سياسي توڙي سائنسي بحرانن ۾ گلوبل ليڊر جو ڪردار ادا ڪندو رھيو آھي. سيٽيمبر 2014 ۾ جڏھن اولھ آفريڪا جي ملڪن  اندر ايبولا وائرس تيزي سان ڦھلجڻ شروع ڪيو تہ ان وقت جي آمريڪي صدر بارڪہ اوباما آفريڪا جي اندر جديد قسم جون ميڊيڪل ڊسپينسريون قائم ڪرڻ لاءِ  ٽي ھزار فوجي لائيبيريا موڪليا تہ جئين انھن جديد ڊسپينسرين جي مدد سان ايبولا جھڙي خطرناڪ وائرس کي روڪي انساني جانين کي ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي، پر جڏھن جنوري جي شروعات ۾ ڪرونا جا ڪيس آمريڪا اندر ظاھر ٿيڻ شروع ٿيا تہ ٽرمپ انتظاميا ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ڪا موثر پاليسي جوڙڻ بدران ان سنگين مسئلي کي چائينيز وائرس چئي ڪري نظر انداز ڪري ڇڏيو جنھن جي  نتيجي ۾  عالمي دنيا جي بحرانن اندر گذريل ستن ڏھاڪن کان گلوبل ليڊر جو ڪردار ادا ڪندڙ  آمريڪا فقط چار مھينن جي ننڍڙي عرصي اندر ڪرونا جي 15 لک کان مٿي ڪيسن  ۽ 90 ھزار انساني حياتين جي ضايع ٿيڻ کان پوء دنيا جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾  سرفھرست آھي. اھو ساڳيو ئي حال آمريڪا جي اتحادي يورپي يونين جي ملڪن جو پڻ آھي.

پاڪستان اندر ڪرونا جي وبا ڪافي وقت کان مروج خيالن جي جمود کي پڻ تبديل ڪري رھي  آھي ، پاڪستان اندر قابض ساڄي ڌر  جي اڪثريت  ان وبا کي  Fifth Generation War  جي تناظر ۾ ڏسي رھي آھي، جنھن جو مطلب تہ ڪرونا وائرس  قدرتي نہ پر ڪنھن اسريل ملڪ پاران  ليبارٽري ۾ تيار ڪيل حياتياتي ھٿيار آھي.  جڏهن تہ بايو ٽيڪنالوجي جي ماهرن اهڙي ڪنهن بہ ڳالهہ جي تصديق نہ ڪئي آهي، جينيڪٽس ۽ وائرولاجي جي ماهرن مطابق ڪرونا  RNA   درجہ بندي وارو هڪ وائرس آهي جنهن ۾ پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻ جي صلاحيت DNA درجہ بندي وارن وائرس کان تمام گهڻو وڌيڪ هوندي آهي، اهو ئي سبب آهي تہ ڪرونا وائرس جي ڪيس ۽ موت جي شرح جا انگ اکر مختلف  ملڪن جي موسم جي حساب سان مختلف آهن.

هاڻ جيڪڏهن  اسان  ساڄي ڌر جي ان موقف تہ ڪرونا وائرس  قدرتي نہ پر ڪنھن اسريل ملڪ پاران  ليبارٽري ۾ تيار ڪيل حياتياتي ھٿيار آھي کي تاريخي پسمنظر ۾ ڏسون ٿا تہ  ساڄي پاسي جي ڌر جي خيالن ۾ تمام وڏي تبديل ئي نظر اچي ٿي، ڇو تہ ساڄي پاسي جي  ڌر هميشہ  ماهر حياتيات چارلس ڊارون جي نظرئي ارتقا جي  سخت مخالف رهي آهي ۽ ان  نظرئي کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِتاريخي طور  وسان نہ گهٽايو آهي پر موجودهہ وقت ۾ ڪرونا وائرس بابت ان موقف ذريعي  ساڄي پاسي جي ڌر ڊارون جي نظرئي ارتقا جي اڻ سڌي طرح حمايت ڪري رهي آهي تہ ڌرتي تي رهندڙ  جاندارن ۾ تبديلي ممڪن آهي.

ڪرونا سبب پيدا ٿيل بحران  دنيا جي سياست ۽ معيشيت تي گهرا اثر ڇڏي  رهيو آهي 1990ع  ۾ سويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ دنيا ۾ نيو ورلڊ آرڊر ذريعي  سرمائيدارنہ لبرل جهموريت کي دنيا جو آخري سماجي نظام سڏيندڙ آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن  جي گرفت دنيا جي ملڪن تان ڪمزور ٿي رهي آهي  خاص طور تي ايران افغانستان ، پاڪستان سريلنڪا وينزويلا، ويٽنام، نيپال ۽ آفريڪا جي ملڪن  اندر چين جي وڌندڙ اثر رسوخ سبب دنيا  چين کي نئين گلوبل ليڊر طور ڏسي رهي آهي انهئي سان گڏو گڏ موجدهہ بحران ماڻهن جي ڪم ڪار، ريتن رسمن ۽ سوچن ۽ خيالن  کي بہ تيزي سان تبديل ڪري رهيو آهي ان سموري صورتحال ۾ ويڪسين جي ڪامياب ڪوشش دنيا ۾ طاقت جو توازن تبديل ڪري سگهي ٿي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.