گڏيل آپگهات جو ذميوار ڪير!؟”

“گڏيل آپگهات جو ذميوار ڪير!؟”

ڪاشف صديقي 25 اپريل 2020ع

چوندا آهن ته مايوسي گناه آهي ۽ اهو ان وقت ڪبيرا گناه ٿي وڃي ٿو جڏهن معاشري جون سياسي، سماجي ۽ صحافتي ڌريون به هٿ مٿي ڪري چون ته هاڻي هن قوم جو الله مالڪ آهي ۽ ڪرونا جهڙي لاعلاج موتمار ۽ تيزيءَ سان پکڙجندڙ وبا سبب اسين سڀ گڏيل آپگهات جي منزل طرف وڃي رهيا آهيون.
ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجا گذريل ڊائريءَ جي ورق جا جملا ان وقت جي حالتن پٽاندر کليل خدشا ظاهر ڪيا هئا، جنهن لاءِ اڄ اڪثريت مڃي رهي آهي ۽ ايتري تائين جو اسان جا ڊاڪٽر ۽ ٻيو صحت جو عملو به ڪرونا جي وبا جي تيزيءَ سان ڦهلجڻ تي هٿ مٿي ڪري چڪو آهي.
تمام گهڻو افسوس ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون صرف پنهنجن سياسي تڪرارن ۽ انا وارن شيشي جي محلن جي حفاظت ۾ مگن آهن ۽ پوري قوم کي گڏيل آپگهات جي منزل ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن.
مونکي ته اها به حيرت ٿي رهي آهي ته سنڌ جي سڄاڻ شخصيتن Think Tank کي اڳتي اچڻو هو۽ اسان جهڙن سول سوسائٽِي جي ڪارڪنن جي ڳالهين تي ڪجهه غور ڪندي گڏيل آواز اٿاري سگهجي پيو ۽ ڪنهن حد تائين وبا جي پکڙجڻ کي گڏجي روڪي سگهجي پيو، پر تمام گهڻو افسوس ته ڪجهه نالن کان سواءِ باقي سڀ اڻسمجهندڙ خاموشيءَ ۾ رهيا.
لطيف سائين جي بيت جي هڪ سٽ سان اڄ جي ڊائري جي ورق جي پڄاڻي ڪندي، مالڪ در دعا آهي ته الله سائين اسان سڀني کي گڏيل آپگهات کان بچائي ۽ وس وارن کي ڪا سمڪ ڏئي.
“ڪاتي ناهي ڏوهه، ڳن وڍيندڙ هٿ”

Leave A Reply

Your email address will not be published.