ڪورونا وائرس آڏو ڳوٺاڻي فطري روايتن بند ٻڌو آھي

ڪورونا وائرس آڏو ڳوٺاڻي فطري روايتن بند ٻڌو آھي۔

ڊاڪٽر اشوٿاما۔

ڪورونا وائرس جي وبا جي گذريل ٻن ٽن مرحلن تائين متاثر ماڻهن، سندن بچاءَ، علاج ۽ بحالي سان گڏ صحت جي لاڳاپيل بندوبستن جو حوالو وڏا شهر يا وري ڪجھ ٽائون ئي رهيا آهن. اهو فوڪس شهري علائقن ۾ وائرس جي اثرانگيزي، پکيڙ ۽ منتقلي کي جانچڻ ۽ پرکڻ سان گڏ طبي، معاشي ۽ سماجي سهولتڪارين لاءِ به شهرن جي رهواسين تي توجھه ۽ ترجيح طور نمايان آهي. ان جو هڪڙو سبب شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن جي سرگرم خبرگيري، ميڊيا، ڪميونيڪيشن ذريعن جي لڳاتار فراهمي، شهري تشويشي روين ۽ انهن سهولتن ۽ موجود موقعن جي حصول جي طريقي ڪارجي سمجھ ۽ انهن تائين پهچ آهي.
ٻئي طرف ڳوٺاڻي زندگيءَ جي سادگي ۽ درگذري جو فطري نتيجو ساڳين موقعن ۽ اصولي ونڊ ۾ به هڪ وڏو خال نمايان آهي. ان صورتحال بڻجڻ جو سبب ذميوار فردن توڙي ادارتي سطح جي رابطي ڪاري ۾ ٽيڪنڪي ۽ هڪ حد تائين وسيلن جي وهڪ ۾ رڪاوٽن وارو ڪلاسيڪل ڪلچر آهي. بحرحال ان جاري عمل جي ڪنهن به غير منطقي جوازکي پاسيرو رکي اهو سمجھڻو آهي ته ڳوٺاڻي پسمانده زندگي گذاريندڙ هڪ وڏي خلق جو هن موتمار وبائي صورتحال سان طبي، معاشي، معاشرتي ۽ سماجي طور متاثر ٿيڻ ۽ انجي ٽوڙ کان لاتعلقي شهرن کان به وڌيڪ شدت پئدا ٿيڻ جوسبب بڻجي سگھي ٿو. انهي لاءِ
صحت جي انتظامڪاري ۽ حڪومتي مختلف سطحن جي ترجيحن ۽ ڪامورڪي عمل دخل کي جانچڻ سان گڏ موجود نجي توڙي جزوي خودمختيارسيڪٽرجي ادارتي ڪارڪردگي، پيش رفتن، رڪاوٽن ۽ رنڊڪن کي سمجھڻ ۽ سلجھائڻ سان ئي مجموعي بهتري کي ماپي سگھبو.
ڪورونا وائرس کي وبا طور قبوليندي بحث مباحثن، مشاورتن، مفاهمتن، وسيلن ۽ بندوبستن جي ملڪي ۽ صوبائي سطح جي چٽائي لاءِ رياستي، ريجنل ۽ عالمي لاڙن ۽ لوازمن جي گھڻ جهتي هم آهنگي کي وقت ۽ وسعت گھربل هئي.
پنهنجي مخصوص ماحولياتي فطرت ، معاشرتي ۽ ثقافتي سلسلن سبب انتهائي ابتدائي مرحلن ۾ ئي دريائي بندن ٻڌڻ وانگر پاڻ مرادوئي ڪجھ بنياد رکجڻ شروع ٿي ويا هئا. ان سان گڏ اتي عوامي ۽ سرڪاري اهلڪاري سان روايتي سهڪاري لاڳاپن ۽ ڳوٺاڻي صحت مرڪزن ۾ لڳاتارٿيل رفارم سبب آيل واڌارن ۽ سڌارن جي ڪري اها چرپر به سهيڙجڻ لڳي هئي. ان خاموش عمل ۾ اهو الڪو به شامل هيوته ڪنهن مسيحيائي مدد بدران رضاڪاراڻي شموليت، هٿ ونڍ، فطري ترتيب، پئواري ۽ پڇاڻو. اهو هڪ اهڙو اتساهيندڙ مادل هيو، جنهن جا مثبت نتيجا هاڻوڪي منظرنامي ۾ نمايان ٿي ڳڻپجن پيا.
هن وقت هاڻوڪي مرحلي تي جڏهن پاپولر ڊبيٽ جا ڪيترائي نوان رخ سامهون اچڻ لڳا آهن۽ هڪ دفعو ٻيهر ڀلي کڻي مونجھاري جھڙي ماحول سان سڀ ڪجھ بيهجندي محسوس ٿئي پر وڏي ڳوٺاڻي خلق انکي سنڀاليو ويٺي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.