“اڃان به دير ڪونه ٿي آهي”

“اڃان به دير ڪونه ٿي آهي”

ڪاشف صديقي

اپرريل 17 2020 ع
اڄ اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته جي رياست ۽ سندس سهڪاري قوتون چاهن ته بهتر طرز حڪمراني ۽ قانون جي بالادستي وارن اٿيل عوامي سوالن جا جواب ڏيئي سگهن ٿا ۽ اهي سڀ عمل جيڪي عوامي ڀلائي (خدمت) جا هجن يا ملڪي/ صوبائي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ واراهجن.
سنڌ ۾ 23 مارچ 2020 ع کان اعلانيل لاڪ ڊائون جتي تمام گهڻن خدشن کي سچو ثابت ڪندي ڪرونا جهڙي وبا کي عوامي سطح تي ڦهلجڻ ۾ ايترو ڪامياب ڪونه ٿي سگهيو آهي, اتي وڏن شهرن ۾ روزانو شام 5 بجي کان ويران ۽ اونداها روڊ رستا ان ڳالهه جو کليل ثبوت آهن ته حڪومت ۽ قانوني ادارا پنهنجي طور تي صحيح نموني فرضن جي ادائگي ڪن ته سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو. نه صرف ايترو پر هو هر قسم جي جنونيت کي به منهن ڏيئي سگهن ٿا. جنهن جو ثبوت هر جمعي تي 12 بجي کان منجنهد کان 3 بجي شام تائين سخت لاڪ ڊائون وارو ماحول ۽ خالي مسجدون آهن.
هاڻي سوال اهو آهي ته عام ڏينهن ۾ اهي سڀ رياستي ادارا ڇا پنهنجا فرض وساري ويهن ٿا ۽ هن وبا کي ڦهلجڻ لاءِ ماحول ڇو تيار ڪري رهيا آهن؟
جڏھن ته اسين سڀ چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته هن وبا کي منهن ڏيڻ جو اھم طريقو سخت لاڪ ڊائون تي عمل آهي. ڇاڪاڻ ته اسين ملڪي ۽ صوبائي سطح تي صحت جي شعبي ۾ ڪيترا ترقي يافته آهيون ۽ ان جا عوامي خدمت وارا عمل حقيقي طور ڪيترا سچا ,ثابت قدم ۽ اڳڀرا آهن؟
هتي آئون هن ڊائري جي ورق ۾ ضلعي انتظاميه ,پوليس ۽ صحت کاتن جي عملي کي سلام پيش ڪريان ٿو، جيڪي پنهنجي زندگين جي پرواه ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي فرضن جي ادائگي ڪري رهيا آهن. اها ئي انهن جي اصل نوڪري آهي ۽ اها ئي انسانيت جي خدمت آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.