واپارين سڀاڻي دڪان کوليا ته ايڪشن ٿيندو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سڌُ سماءَ واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جو چوڻ آهي ته واپارين کي سڀاڻي دڪان کولڻ نه ڏينداسين، حڪومت جي هنيل پابندين جي ڀڃڪڙي تي ايڪشن ورتو ويندو.

هڪ بيان ۾ سنڌ جي سڌُ سماءَ واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته مارڪيٽون ۽ بازارون کولڻ جي اجازت ته وفاقي به ناهي ڏني، لاڪ ڊائون جي حوالي سان اسان ايس او پيز تيار ڪيون آهن، جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪنداسين.

ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته لاڪ ڊائون مان متاثر ننڍن واپارين کي ٽيڪس ۾ رعايتون ڏنيون وينديون.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ احتياط سڀني تي لازمي آهي، سڀني کي گڏجي ڪورونا مان پاڻ کي بچائڻو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.