ڀارت ۾ لاڪ ڊائون دوران گهڻو ڪم وٺڻ تي پوليس اهلڪار پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ لاڪ ڊائون دوران ڪم جي زيادتي سبب پريشان پوليس اهلڪار پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي.

ڪورونا وائرس جي وڌندڙ خطرن سبب ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي اعلان کانپوءِ ڀارت جي ٻين علائقن جيان مڌيا پرديش ۾ به لاڪ ڊائون جي مدي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

وبا جي روڪٿام لاءِ ڀارتي حڪومت ۽ انتظاميا جتي لاڪ ڊائون کي وقت جي ضرورت قرار ڏئي رهي آهي، اتي ئي وري ڀوپال واري علائقي ۾ هڪ پوليس اهلڪار ڪم جي زيادتي سبب پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي.

چيتن ٺاڪر پوليس اهلڪار جي پوسٽنگ ڀوپال جي راتي بڙ ٿاڻي واري علائقي جي نيل بڙا پوليس چوڪي تي هئي، جنهن مسلسل لاڪ ڊائون ۽ ڊگهي ڊيوٽي سبب تنگ اچي اهڙو انتهائي قدم کنيو.

اهڙي واقعي کانپوءِ زخمي پوليس اهلڪار کي اسپتال پهچايو ويو، جتي سندس آپريشن ڪيو ويو پر هو هاڻ به ڳالهائڻ جي حالت ۾ ناهي.

ڊي آءِ جي ڀوپال جو چوڻ هو ته زخمي پوليس اهلڪار جو علاج جاري آهي، هن پاڻ کي گولي ڇو هنئي، ان جو جلد پتو لڳايو ويندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.