پاڪ فوج ڀارت طرفان سيزفائز ڀڃڪڙين ۽ دراندازي جو الزام رد ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته ڀارت طرفان سيز فائز ڀڃڪڙين ۽ دراندازي جو الزام بي بنياد آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار ڀارتي فوج جي 15 ڪور جي سربراهه جي انٽرويو کي حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏيندي چيو ته ڀارتي الزام مقامي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي،  ڀارت 5 آگسٽ جي غير آئيني فيصلي ۽ صورتحال تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي مبصر گروپ کي ڪنهن به هنڌ وڃڻ جي اجازت ڏني آهي، شفاف معاملن لاءِ عالمي مبصر ڪٿي به وڃي جائزو وٺي سگهن ٿا.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان تي والاريل ڪشمير ۾ ماڻهو داخل ڪرڻ جو الزام بي بنياد آهي، ڀارتي قيادت ڪورونا جي وبا کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري، اها اڳ ئي وائرس جي معاملي تي غلط فيصلا ڪري چڪي آهي، ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ به حالتون بهتر ڪرڻ تي ڌيان ڏئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.