سماجي فاصلو رکڻ واري حڪم تي عمل نہ ٿيو احساس ڪفالت سينٽر تي عورتن جا ڪٽڪ لٿل

نئون ڪوٽ (رپورٽر پيارعلي نھڙيو) نئون ڪوٽ ۾ سماجي فاصلو رکڻ واري حڪم تي عمل نہ ٿيو احساس ڪفالت سينٽر تي عورتن جا ڪٽڪ لٿل انتظاميه لاچار ۽ بيوس بڻيل سخت گرمي ۽ اُس جي ڪري ھڪ عورت بيھوش خبر موجب وفاقي حڪومت پاران لاڪ ڊائون سبب متاثر ٿيندڙ خاندانن جي مدد لاء شروع ڪيل احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام لاءِ گورنمنٽ هائير سيڪنڊري اسڪول نئون ڪوٽ ۾ سينٽر تي سماجي فاصلا رکڻ واري ضابطه اخلاق کي آيل عورتن ھوا ۾ اڏائي ڇڏيو سينٽر تي وڏي رش پوليس بيوس بڻيل وڏي رش ۽ گرمي جي سٽ نه سهندي هڪ عورت بيھوش ٿي وئي جنهن کي سينٽر تي آيل عورتن پاڻي هاري هوش ۾ آندو ويو ان موقعي تي سينٽر تي آيل عورتن دانهيندي چيو ته اسان مسلسل چار ڏينھن کان سينٽر تي چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون هر روز اسانکي قطارن ۾ بيهاري اسانجي تذليل ڪئي وڃي ٿي پر اسانکي پيسا نٿا ڏنا وڃن هتي سفارشي عورتن کي سينٽر ۾ داخل ڪري انهن کي پيسا ڏنا پيا وڃن سينٽر تي ويٺل ڊوائيس مالڪ هر ٻن ڪلاڪن کان پوء پيسا نه هجڻ جو بھانو ڪري سينٽر تان ٻاهر هليا وڃن ٿا. جڏھن ته سينٽر تي ٽائون ڪميٽي نئون ڪوٽ پاران آيل عورتن جي لاءَ پاڻي جو بندوبست ڪيو ويو هوڏانھن ڊوائيس مالڪن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان وٽ روڪ رقم گھٽ ھئڻ ڪري کٽي وڃي ٿي اسانکي انتظاميه روڪ رقم سينٽر تي فراھم ڪرڻ لاء سهولتون ڏي ته جيئن اسان سينٽر تي ايندڙ مستحقن کي پيسا ڏئي جلد فارغ ڪيون هوڏانھن ايس ايڇ او نئون ڪوٽ ٻڌايو ته اسان وٽ پوليس نفري گهٽ آھي هن سينٽر تي ٿر ۽ بئراج جي مختلف علائقن کان ماڻھن جي وڏي رش اچي ٿي جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل ٿيو وڃي

 

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.