پوليس اهلڪار به ڪورونا وائرس جو شڪار

ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ شهرين جي حفاظت تي مقرر پوليس اهلڪار به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيڻ لڳا.

تفصيل موجب ڪراچي ۾ پوليس جا 6 اهلڪار ڪورونا وائرس ۾ وٺجي ويا، سينيئر پوليس آفيسر جي ڊرائيور ۽ پي ايس او ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي.

پوليس موجب ايسٽ، سائوٿ ۽ ويسٽ زون جا پوليس اهلڪار به وائرس مان متاثر ٿيا، پوليس  شڪي اهلڪارن جي ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

 پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته اهلڪارن ۾ وبا پکڙي ته معاملو سنگين ٿي ويندو، اهلڪار هر وقت سڌو سنئون ماڻهن سان رابطن ۾ آهن، پوليس اهلڪار ناڪن تي ۽ رش ۾ ڊيوٽي ڏئي رهيا آهن، اهلڪارن کي وبا کان بچائڻ جي لاءِ خاص قدم ڪرڻا پوندا

Leave A Reply

Your email address will not be published.