پاڪستان ۾ ڪورونا جا ڌڙاڌڙ نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ملڪ ۾ مريضن جو انگ وڌي 4 هزار 700 ٿي ويو
هيل تائين 68 مريض فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي. ڪورونا وائرس ملڪ ۾ وڌيڪ ٻن ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 68 ٿي ويو، تصديق ٿيل ڪورونا وائرس مريضن جو انگ 4 هزار 700 ٿي ويو آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو مجموعي انگ 68 ٿي ويو آهي