لاڪ ڊائون ۾ سختي، روڊ مڪمل طور بند

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايت تي ڪراچي پوليس کي لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ سختي ڪندي شهرين سان سختي سان منهن ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون جو 17هون ڏينهن آهي، سمورا واپاري مرڪز، آفيسون ۽ اسڪول بند پيل آهن جڏهن ته شاهراهن تي به ٽريفڪ معمول کان گهٽ آهي، جاءِ جاءِ تي پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار مقرر آهن پر ان جي باوجود ڪجهه شهر جي ماڳن تي لاڪ ڊائون جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن.

گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڪ ڊائون سخت ڪرڻ جا حڪم ڏيندي پوليس آفيسرن کي هدايتون ڪيون هيون ته ڪنهن به شهري کي بنا ضرورت ٻاهر نه نڪرڻ ڏنو وڃي.

اڄ ڪراچي پوليس چيف غلام نبي ميمڻ جي صدارت ۾ پوليس آفيسرن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي طرفان لاڪ ڊائون تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ شهرين سان سختي سان پيش اچڻ جي هدايت ڪئي وئي.

ڪراچي پوليس چيف جو چوڻ هو ته ڪوشش هوندي ته شهرين کي رڳو ضرورت جي تحت نڪرڻ ڏنو وڃي، ڀڃڪڙي تي آفيسرن کي ڪارروائي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته شهري لاڪ ڊائون کي سنجيدگي سان نه پيا وٺن، ان ڪري ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ۽ ڏنڊ وڌائڻ تي به غور ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته ڪا به فيڪٽري کلي ته مالڪ جي خلاف به سخت ڪارروائي ٿيندي، گذريل ٻن ڏينهن کان ناڪا بندي جو سلسلو گهٽ ٿي ويو هو، پر شهرين جي غير سنجيدگي تي وڌيڪ سختي جو فيصلو ڪيو ويو آهي

Leave A Reply

Your email address will not be published.