سنڌ حڪومت جي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي پاران موهين جودڙو تي ڪوٺايل سنڌو تهذيب جي لکت کي پڙهڻ واري عالمي ڪانفرنس ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي

لاڙڪاڻو (11 جنوري 2020): سنڌ حڪومت جي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي پاران موهين جودڙو تي ڪوٺايل سنڌو تهذيب جي لکت کي پڙهڻ واري عالمي ڪانفرنس ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي. آخري ڏينهن اختتامي سيشن ۾ عالمن موهين جودڙو جي لکت کي پڙهڻ بابت ڪيل ڪوششن کي سارهايو ۽ ان ڏس ۾ مختلف سفارشون پيش ڪيون.

ڪانفرنس جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري چيو ته دنيا جي مختلف ملڪن مان آيل عالمن گذريل ٽن ڏينهن دوران رٿيل مختلف سيشن ۾ سنڌو ماٿري جي لکت کي پرهڻ بابت پنهنجيون تحقيقون پيش ڪيون، جنهن مان عالمن کي ان ڳالهه جو پتو پيو ته ماضي ۾ انڊس اسڪرپٽ تي ڪيترو ۽ ڪهڙن ڪهڙن رخن تي ڪم ٿيل آهي، گڏوگڏ اهو پڻ پتو پيو ته انهن ۾ ڪهڙيون اوڻائيون هيون. هن وڌيڪ چيو ته گذريل چئن ڏهاڪن دوران انڊس سولائيزيشن تي ڪم گهٽجي ويو آهي جنهن ڪري گهربل مواد تمام ٿورڙي مقدار ۾ آهي ان جي ڪري تحقيق به ان گهربل تعداد ۾ نه ٿي سگهي آهي. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ انڊس اسڪرپٽ جي مختلف تقابلي جائزن کي نظر ۾ رکيو ويو ۽ مختلف رخن ۾ نيون ڳالهيون سامهون آيون. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ عالمن اها سفارش ڪئي ته اهڙو ڊيٽابيس جوڙيو وڃي جتي تمام لاڳاپيل مواد رکيو وڃي ۽ ان کي تمام وڏي آرڪائيوز جي شڪل ۾ سڀني اسڪالرز لاءِ نيٽ ورڪ ڪيو وڃي ۽ اهڙي مواد کي ڊجيٽل ميڊيم ۾ آڻي ڄاڻ کي سڀني لاءِ آسان ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪانفرنس اها پڻ سفارش ڪئي ته گهڻ رخي پهچ ذريعي لاڳاپيل سڀني ڊپارٽمينٽس ۽ کاتن کي با مقصد ۽ با معنيٰ ڪوآرڊينيشني جي ذريعي اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته آرڪيالاجي جو سبجيڪٽ ڏينهون ڏينهن گهٽجندو ٿو وڃي. اهڙا به مثال ملن ٿا جو سرڪاري يونيورسٽي ۾ آرڪيالاجي جي شعبي ۾ ست استاد ڀرتي ٿيل آهن جڏهن ته شاگرد ڪل ٻه آهن. هن چيو ته ان لاءِ هي ڪانفرنس سفارش ٿي ڪري ته هر ايجوڪيشن ڪميشن کي اڳتي وڌي يونيورسٽين ۾ ريسرچ ۽ گرانٽ ڏئي آرڪيالاجي جي شعبي کي سگهارو ڪيو وڃي حڪومت کي به اهڙا قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن آرڪيالاجي پاس ڪندڙ شاگرد کي روزگار به مهيا ٿي سگهي. ڪانفرنس اها پڻ سفارش ڪئي ته سنڌي لينگويج اٿارٽي ۽ ٻين ٻولي وارن ادارن کي پڻ تحقيق ۾ اڳتي وڌڻ گهرجي.

ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه پنهنجي تقرير ۾ عالمن پاران پيش ڪيل سڀني سفارشن تي عملدرآمد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ هن چيو ته ڇاڪاڻ ته موهين جودڙو عالمي ورثو آهي ان جي ڪري يونيسڪو ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سڀني فارملٽيز کي پورو ڪرڻ بعد ئي اسين موهين جودڙو تي وڌيڪ کوٽائي ۽ تحقيق ڪري سگهنداسين. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل سفارشن تي عمل ڪندي آءُ اهو اعلان ٿو ڪريان ته جلد ئي موهين جودڙو تي ڊيٽا ۽ ريسورس سينٽر قائم ڪيو ويندو جنهن لاءِ سڀني اسڪالرز کي اسان جي رهنمائي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي.

سيد سردار علي شاهه چيو ته 2022ع ۾موهين جودڙو جي کوٽائي کي 100 سال مڪمل ٿي رهيا آهن ان ڏس ۾ ايندڙ ٽن سالن تائين موهين جودڙو جي باري ۾ آگاهي مهم (سيليبريٽ موهين جو دڙو) جا پروگرام ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. ان ڏس ۾ هن چيو ته هلندڙ سال سنڌ حڪومت پاران 2020ع کان 2022ع تائين مقامي، ملڪي ۽ عالمي سطح تي پروگرام ڪرايا ويندا ۽ سنڌ جي تاريخي ماڳ بابت سڄي دنيا کي آگاهي ڏني ويندي. هن اعلان ڪيو ته 2020ع ۾ صوبائي سطح تي ثقافت کاتي پاران موهين جودڙو بابت سيمينار، جاڳرتا پروگرام ڪرايا ويندا، تاريخي ماڳن بابت شاعري ۽ تحقيق جا ڪتاب ڇپايا ويندا، قومي گيت تيار ڪيا ويندا. ان ڏس ۾ جلد هڪ ڪئلينڊر جاري ڪيو ويندو، 2021ع ۾ ملڪي سطح تي پروگرام ڪرايا ويندا جنهن ۾ موهين جودڙو ۽ سنڌ جي ٻين آثارن بابت ماڻهن کي ڄاڻ ڏني ويندي. جڏهن ته 2022ع ۾ عالمي سطح تي موهين جودڙو جي تاريخي حيثيت کي مڃائڻ لاءِ مختلف ملڪن ۾ جشن ملهايو ويندو. هن چيو ته اسان وفاقي حڪومت کي تجويز ڏيون ٿا ته ڪرتارپور راهداري وانگر ثقافتي ڪاريڊور قائم ڪيا وڃن ڇاڪاڻ ته ثقافتون اسان کي پنهنجي ماضي ۽ گڏيل ورثي سان جوڙينديون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پيل موهين جودڙو جون نواردات واپس آڻڻ لاءِ ڀرپور نموني ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته عالمي ماهرن جي راءِ موجب موهين جودڙو جي آثارن جي وڌيڪ کوٽائي جديد ٽيڪنالاجي وسيلي ڪئي ويندي. هن چيو ته موهين جودڙو تي ڊيٽا ريسورس ۽ آرڪائيوز سينٽر ٺاهيا ويندا. هن چيو ته مان عالمي ۽ پرڏيهي ماهرن کي گذارش ٿو ڪريان ته هو اسان جي رهنمائي جاري رکن. يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگرد تاريخي ماڳن جي کوٽائي واري ڪم ۾ حصو وٺن. آرڪيالاجي شعبي ۾ پڙهندڙ شاگردن لاءِ نوڪريون پيدا ڪيون وينديون، کين يقين ڏياريان ٿو ته هو پنهنجي شعبي ۾ مهارت حاصل ڪن سندن مڪمل پٺڀرائي ڪئي ويندي.

*ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ*
ڪانفرنس جي پڄاڻي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته سنڌو تهذيب جي لکت پڙهڻ لاءِ هي پهرين ڪوشش هئي، ڪانفرنس وسيلي بنياد رکيو ويو آهي اهو نه ٿو چئي سگهجي ته سنڌو تهذيب جي لکت پڙهڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو. هن چيو ته ڪانفرنس ڪامياب وئي آهي، ماهر هڪ ٽيبل تي ويهي تجويزن جي مٽاسٽا ڪندا ته بهتر نتيجو نڪرندو. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته موهين جودڙو کي محفوظ بڻائڻ لاءِ وفاقي سرڪار ڪو به سهڪار نه ٿي ڪري، ڪيترائي ڀيرا فنڊن لاءِ لکيو ويو آهي پر ڪجهه به ناهي مليو. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاڻ خرچ ڪري رهي آهي. هن چيو ته ماهرن جي تجويز آهي ته موهين جودڙي جي رهيل آثارن جي کوٽائي ڪئي وڃي جنهن لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي ٿي سگهي ٿو ته آثارن کي هڪ دفعو کوٽي تحقيق کانپوءِ ٻيهر لٽي ڇڏجي. هن چيو ته قديم آثارن کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وئي هئي. اسان چين حڪومت کي لکيو هو پر ائين نه ڪيو ويو، جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته جديد بنيادن تي تاريخي ماڳن جي اسڪيننگ ڪئي وڃي ها. جيڪڏهن ٽيڪنالاجي ملي ته سڄي سنڌ ۾ جديد نموني تاريخي ماڳن جي کوٽائي ڪئي ويندي. هن چيو ته وفاق وارا سنڌ کي پڇڙي جو آبادگار سمجهن ٿا ان لاءِ ڪو به سهڪار نه ٿا ڪن، عالمي فنڊنگ به نه پئي ڪئي وڃي. هن چيو ته موهين جودڙو سان گڏوگڏ لاکين جي دڙي، چانهيون جي دڙي ۽ ٻين تاريخي ماڳن تي ڪم ڪيو ويندو. سيد سردار شاهه چيو ته موهين جودڙو ايئرپورٽ تي فلائٽون بند ڪرڻ جي مذمت ڪيون ٿا، وفاقي حڪومت جو رويو خراب آهي ان آڏو آواز اٿاريو ويو آهي پر ڪو به ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي، وفاق جي ڪوشش آهي ته سکر ۾ به فلائٽون بند ڪيون وڃن.

*ڪانفرنس جو پڄاڻيءَ وارو سيشن ۽ سفارشون* سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران سنڌو تهذيب جي لکت پڙهڻ لاءِ موهين جو دڙي تي ٿيل ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ عالمي ۽ ملڪي ماهرن تجويزون ڏنيون آهن ته سنڌو تهذيب جي لکت پڙهڻ لاءِ سائنسي بنيادن تي جديد ۽ ڊگهي تحقيق ڪئي وڃي. موهين جو دڙو تي ريسورس سينٽر قائم ڪيو وڃي جتي مستقل بنيادن تي ماڻهو مقرر ڪيا وڃن. موهين جودڙو جي آثارن مان مليل قديم شين جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو وڃي ۽ انهن کي ڪتابي شڪل ڏئي جديد نموني ڊيٽا ٺاهي وڃي، ان ڏس ۾ ڪانفرنس جي ٽئين ڏينهن پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي موهين جودڙو ٽيڪنيڪل ڪنسلٽيٽو ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري خطاب ڪندي چيو ته ٽن ڏينهن جي ڪانفرنس ڪامياب رهي جنهن ۾ ماهرن بهترين تجويزون ڏئي جديد تحقيق لاءِ پروگرام شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اسان کي يقين آهي ته عالمي ۽ ملڪي ماهرن جون ڪوششون هڪ نه هڪ ڏينهن رنگ لائينديون ۽ موهين جو دڙو جو اسڪرپٽ پڙهڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ماهرين راءِ ڏني آهي ته حڪومت ڪوشش ڪري سارڪ تنظيم ۾ شامل ملڪن کان به ڄاڻ وٺي انکاسواءِ عمان، آمريڪا، اٽلي ۽ ٻين ملڪن جي يونيورسٽين کان به معلومات ورتي وڃي. جڏهن ته موهين جودڙي تي هڪ ريسورس سينٽر قائم ڪري اتي مستقل ماڻهو مقرر ڪيا وڃن. ثقافت کاتو، ناڻي کاتي سان ڳالهائي فنڊن کي يقيني بڻائي. هن چيو ته ماهرن اها به تجويز ڏني آهي ته ملڪ جي يونيورسٽين ۾ آرڪيالاجي شعبي ۾ پڙهندڙ شاگردن جي روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن ڇو ته آرڪيالاجي شعبي ۾ پڙهندڙ شاگردن جو تعداد ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي.
ڊگري ڪندڙ شاگردن کي نوڪريون نه ٿيون ملن جنهن جي ڪري آرڪيالاجي شعبي ۾ شاگرد گهٽ داخلا وٺن ٿا. هن چيو ته انڊس اسڪرپٽ پڙهڻ لاءِ سائنسي بنيادن تي ٽيڪنالاجي وسيلي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان کي اميد آهي ته ثقافت کاتو عالمي ماهرن جي تجويزن تي عمل ڪندو.

*پرڏيهي عالمن جون تقريرون*
آمريڪي ماهر جوناٿن مارڪ ڪنائر خطاب ڪندي چيو ته انڊس اسڪرپٽ پڙهڻ بابت اڃا تائين ڪا اڳڀرائي نه ٿي آهي ان وقت جي ڪن به ٻن ٻولين جي ڪا گڏيل لکت پڙهڻ کانسواءِ ان جو پتو نه ٿو پئجي سگهي. هن چيو ته اسان کي اها تحقيق ڪرڻي پوندي ته آڳاٽي دور جا ماڻهو ڪيئن لکندا هئا. انڊس لکت جو استعمال دنيا جي ٻين علائقن کان مختلف هو. هن چيو ته ٻوليون وقت سان گڏوگڏ تبديل ٿينديون رهنديون آهن ، موهين جودڙو ۽ ٻين تاريخي ماڳن بابت وڌ کان وڌ ورڪشاپ ۽ سيمينار ڪرائي ماهرن کان تجويزون ورتيون وڃن. ماهرن جي ويچارن کانپوءِ ئي ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو. هن چيو ته موهين جودڙو جي لڪيل آثارن جي کوٽائي ڪئي وڃي جنهن لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ٿين گهرجي، نئين کوجنا جي ضرورت آهي. هن چيو ته اهو ڪم هڪ ڏينهن جو نه آهي ان ۾ 10 سال به لڳي سگهن ٿا.

ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جرمن ماهر مائيڪل جانسن چيو ته منهنجو خواب آهي ته دنيا جا ماڻهو عظيم شهر موهين جودڙو بابت وڌ کان وڌ ڄاڻ حاصل ڪن. هن چيو ته موهين جودڙو دنيا جو شاهڪار ۽ سڀن کان پراڻو شهر هو، ان بابت دنيا جي ماڻهن کي گهڻي خبر نه آهي ان لاءِ ڊيٽا جي مٽاسٽا لاءِ سڀني ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته موهين جي دڙي جو واحد شهر هيو جتي 600 کوھ هئا نه ته يورپي شهرن ۾ هڪ ٻه کوھ هوندا هئا ته اهي ماڻهو پاڻ خوشحال سمجهندا هئا، پر مھين جي دڙي ۾ ته 600 کوھ مطلب هڪ قسم جي پاڻيءَ جي عاليشان عياشي هئي. جڏهن ته سيوريج جو نظام به ڪٿي ڪونه ٿو ملي.

ڊاڪٽر اينڊريو فُلس چيو ته موهين جودڙو جا ماڻهو مڇيءَ جي نشان کي وزن جي ماپ تور لاءِ استعمال ڪندا هئا. انهن نشانين کي وڌيڪ تحقيق ڪرڻي پوندي ته جيئن اها خبر پوي ته سيلن تي ڇا لکيل آهي، ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب کي جاپان جي ڊاڪٽر ڪيوموڪاساوا، اٽلي جي ڊاڪٽر ڊينز فرينز، ڊاڪٽر اسٽيفن لارسن، ڊاڪٽر گريڪ جيمسن ۽ ٻين پڻ خطاب ڪنديو. ڪانفرنس ۾ ثقافت کاتي واري صوبائي سيد سردارشاهه، سيڪريٽري ثقافت غلام اڪبر لغاري شرڪت ڪندڙ پرڏيهي ۽ ڏيهي ماهرن ۾ شيلڊون ورهايون ويون جڏهن ته ثقافت کاتي پاران انڊس اسڪرپٽ بابت ڇاپيل ڪتاب جي مهورت ڪئي وئي )

Leave A Reply

Your email address will not be published.