صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف سنڌ جي مختلف پريس ڪلبن آڏو سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي سڏ تي احتجاج

صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف سنڌ جي مختلف پريس ڪلبن آڏو سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي سڏ تي احتجاج، مختلف ضلعن جي 50 کان وڌيڪ صحافين تي دهشتگردي ائڪٽ تحت داخل ڪوڙن ڪيسن جي اڻڌري جاچ جو مطالبو ڪيو ويو
ڪراچي( پريس رليز) صحافين تي سنگين الزامن هيٺ ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي سڏ تي سوين صحافين پاران سنڌ جي مختلف پريس ڪلبن آڏو احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ صحافين کي هيسائڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪري داخل ڪيل ڪيسن جي اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي
گادي واري شهر ڪراچي پريس آڏو اجتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي صدر غازي جهنڊير چيو ته مختلف ضلعن ۾ پوليس جي ملي ڀڳت سان 50 کان وڌيڪ صحافين مٿان دهشتگردي ائڪٽ، ڀتو گهرڻ،ڀنگ لاءِ اغوا،ڦر جهڙن سنگين الزامن جا قلم شامل ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪري صحافين کي هيسايو پيو وڃي، سندس چوڻ هو ته ڊي آءِ جي سکر اقبال دارا ذاتي انتقام وٺڻ لاءِ صحافي عجيب لاکو خلاف 17 کان وڌيڪ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن جن ۾ صحافي جي 80 ورهين جي پيرسن والد کي پڻ نامزد ڪيو ويو آهي،پوليس صحافي عجيب لاکو کي ڌاڙيلن جيان اغوا ڪري تشدد جو نشانو پڻ بڻائي رهي آهي
ڪراچي پريس ڪلب جي صدر امتياز خان فاران احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته صحافين تي ڪنهن قسم جا ڪوڙا ڪيس برداشت نه ڪيا ويندا،پوليس پاران اهڙو عمل صحافتي آزادي جي نڙيءَ تي نهه ڏيڻ برابر آهي
سينئر صحافي امداد سومرو جو چوڻ هو ته گذريل ڪجهه مهينن دوران سکر ريجن جي پوليس صحافين لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آهي،ڊي آءِٰ جي اقبال دارا پنهنجي عهدي ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي عجيب لاکي سميت ٻين صحافين کي انتقام جو نشانو بڻائي رهيو آهي،سندس چوڻ هو ته وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه،آءِ جي سنڌ ۽ پبلڪ سيفٽي ڪميشن آڏو دانهڻ باوجود پوليس پنهنجي غيرقانوني حرڪتن کان نه ٿي مُڙي
صحافي قادر لاشاري احتجاج کي خطاب ڪندي چيو ته صوبي ۾ صحافين خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ واري عمل خلاف سنڌ حڪومت کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي،ٻي صورت سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي
ڪراچي پريس ڪلب آڏو ٿيل احتجاجي مظاهري کي نجيب نائچ، اڪبر جعفري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
ٻي پاسي صحافين مٿان داخل ٿيندڙ ڪوڙن ڪيسن خلاف سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي سڏ تي سکر،ڪنڌ ڪوٽ_ ڪشمور،جيڪب آباد،شڪارپور،گهوٽڪي،نوابشاهه، دادو، جوهي، واهي پانڌي، ٽنڊو رحيم خان نوشهرو فيروز،ڀان سيد آباد،سيوهڻ،مٺي،اسلام ڪوٽ،ميرپورخاص،عمرڪوٽ،ڀريا سٽي،مورو،ڏيپلو سميت سنڌ جي مختلف پريس ڪلبن آڏو صحافين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.