گاڏي جا ڪاغذ اوهان جي نالي ناهن؟ ته گاڏي ٿيندي ضبط

گاڏين جا ڪاغذ پنهنجي نالي نه ڪرائيندڙ جون گاڏيون ضبط ڪيون وينديون

 ايڪسائي کاتي اڄ کان مهم شروع ڪندي اعلان ڪيو آهي ته سموري صوبي ۾ 2 جنوري تائين مهم هلندي ۽ گاڏين کي موقعي تي ئي ضبط ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ايڪسائيز کاتي طرفان جاري ٿيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ گاڏين تي ٽئڪس جون رهتون اوڳاڙڻ لاءِ اڄ کان مهم شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا سموري صوبي ۾ 2 جنوري تائين جاري رهندي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ 22 مختلف هنڌن تي 7 ٽيمون ڪارروائي ڪنديون ۽ جهڙتي وٺنديون. اُنهن ۾ مزارِ قائد، شاهراهه قائدين، مسلم آباد، گلستان جوهر، کارادر، ڪيماڙي، ڪوئينز روڊ، ڪلفٽن، باٿ آئرلينڊ، ڊي ايڇ اي قبرستان، سن سيٽ بوليورڊ، طوبه مسجد، شاهين ڪامپليڪس، پي آءِ ڊي سي، مائي ڪولاچي، گلبئي، ڪرائون سئنيما، پاڪولا چورنگي، سفاري پارڪ، جوهر چورنگي، يونيورستي روڊ، ملير ڪينٽ، ملير 15 ۽ ملير هالٽ وارا علائقا شامل آهن.

ايڪسائيز کاتي جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته مهم دوران ٽئڪس نه ڀريندڙ مالڪن جون گاڏيون موقعي تي ئي ضبط ڪيون وينديون، گاڏيون خريد ڪندڙ فوري طور ڪاغذ پنهنجي نالي ڪرائين، اوپن ليٽر تي گاڏي هلائڻ ڏوهه آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه ۾ گاڏي استعمال ٿي ته اُن وقت ڪاغذن تي جنهن جو نالو هوندو، اُن کي ئي گاڏي جو مالڪ سمجهيو ويندو.

صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا پڌرائي ۾ چيو آهي ته ٽئڪس جمع ڪرائڻ جي حوالي سان عوام جي سهولت لاءِ نيشنل بئنڪ جون 15 برانچز موجود آهن، تفصيل ايڪسائيز کاتي جي ويب سائيٽ ۽ اخبارن ۾ شايع ڪيون ويون آهن. تنهن ڪري ٽئڪس نه ڀريندڙ گاڏين جا مالڪ اڻوڻندڙ صورتحال کان بچڻ لاءِ پنهنجا ٽئڪسز جمع ڪرائي ڇڏين

Leave A Reply

Your email address will not be published.