ٿر جا مسئلا حل ڪريو، ڪراچي ۾ ڀيل انٽلئڪچوئل فورم جو احتجاجي مظاهرو

ٿرپارڪر جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف ڀيل انٽلئڪچوئل فورم پاران قائداعظم مزار کان وڪيل آسن ڀيل, وڪيل لجپت سوراڻي ڀيل, وڪيل هيمراج ڀيل, وڪيل لالا ڀيل ۽ دلپت سنگھ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان تاريخ ساخ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو, ريلي ۾ هزارين ماڻھون شريڪ, ٿر جا متاثر ماڻھون هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ٿر جا مسئلا حل ڪريو جي سخت نعريبازي ڪئي, مظاهري کي خطاب ڪندي وڪيل آسن ڀيل چيو ته ٿر هڪ پسمانده علائقو آھي, ٿر ۾ صحت,تعليم,پاڻي,ٿر ڪول, برسات,لائيو اسٽاڪ,روينيو سميت سوين مسئلا موجود آھن, ٿر مسئلن جو گهر بڻجي ويو آھي پر سنڌ سرڪار ٿر جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لا۽ تيار ناهي, ٿر ۾ فيڪٽرين سميت روزگار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن,ٿر جي ماڻھن کي امدادي جو ڪٽو ڏيئي پنڻ نه سيکاريو وڃي, ٿر جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن, ٿر ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي سميت جديد تعليمي ادارا جوڙيا وڃن,ريلي کي خطاب ڪندي وڪيل لجپت سوراڻي ڀيل چيو ته ٿر کي آفت سٽيل علائقو قرار ڏئي هنگامي بنيادن تي ٿر واسين جي سهائتا ڪئي وڃي, هن جديد دور ۾ ٿر جا ماڻھون بدتر زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن, ٿر ۾ بک,بدحالي,بي روزگاري ۽ مهنگائي سبب روزانو ٿر جا نوجوان خودڪشيون ڪري رهيا آھن, ٿر جا معصوم ٻار غذائي قلت سبب روزانو موت جو کاڄ بڻجي رهيا آھن, ٿر ۾ ماڪڙن جي حملن, اڻ مندائتي برساتن ۽ کنوڻ ڪرڻ سبب ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي,ٿر ۾ صحت جي سهوليتن جي اڻھوند آھي, ماڊل اسپتال قرار ڏنل سول اسپتال مٺي ۾ دوائن جي کوٽ آھي, اسپتال ۾ رت جي ٽيسٽن جي سهوليت ناهي, غريب جا لاش کڻڻ لا۽ ايمبولينس به نٿي ملي,خدارا ٿر ضلعي جي بجيٽ وڌائي ٿر جا بنيادي مسئلا هنگامي بنيادن تي حل ڪيا وڃن, ٿر ۾ پيئڻ جي مٺي پاڻي جي فراهمي هر ڳوٺ تائين ممڪن بڻائي وڃي, ٿر جا ماڻهون جر جو کارو پاڻي پيئڻ سبب ڪيترن ئي بيمارين کي منهن ڏئي رهيا آھن, ٿر ۾ لڳايل آر او پلانٽ ناڪاره بڻجي ويا آھن, آر او پلانٽ ملازمن کي وقت سر پگهار نٿي ملي, ٿر جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جي اجازت هرگز نه ڏبي, ٿر جو عوام هاڻ سجاڳ ٿي چڪو آھي, ڪرپٽ نمائيندا ٿر ۾ سڀ ڪجھ بهتر هجڻ جون ڪوڙيون دعوائون ڪن ٿا, ٿر جا نمائينده ڪرپشن سبب ڪک پتي مان ڪروڙ پتي بڻجي ويا آھن, هنن جي ڪرپشن جي جاچ ٿيڻ گهرجي, وڪيل هيمراج ڀيل چيو ته پ پ جي دور ۾ ٿر مسلستان بڻجي ويو آھي عوام سان ڪوڙا واعدا ڪري مقامي چونڊيل نمائيندا صرف پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورا آھن,ٿر ۾ تعليم جو نظام ڌرهم برهم بڻيل آھي , ٿر ۾ سوين اسڪول بند آھن, ڪافي اسڪول وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آھن, اسڪولن ۾ استادن ۽ فرنيچر جي کوٽ آھي تعليم ٿر واسين جو بنيادي حق آھي خدارا تعليمي نظام کي سڌاريو وڃي, وڪيل لالا ڀيل چيو ته ٿر, عمرڪوٽ سميت سنڌ جي ڪافي ضلعن ۾ عوام پنهنجن بنيادي حقن کان محروم آھي, سنڌ ۾ اقليتي ماڻھن سان زيادتين جو سلسلو جاري آھي, اقليتين جون نياڻيون, مندر ۽ مساڻ محفوظ ناهن, اقليتين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي, ٿر سميت سمورن مظلوم ماڻھن جي مالڪي ڪنداسين,رانجهن ڀيل چيو ته ٿر جي ڪوئلي ۾ پسمانده طبقن لا۽ نوڪرين جي اسپيشل ڪوٽا مقرر ڪئي وڃي, ٿر ڪول جي متاثر ماڻھن لا۽ هڪ جديد سهوليتن سان ميگا سٽي جوڙيو وڃي, اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني UCG پروجيڪٽ ۾ برطرف ڪيل سوين ملازمن کي بحال ڪري روزگار تي لگايو وڃي, ڀيل لائير فورم جي اڳواڻ وڪيل ڀڳوانداس ڀيل ڳالهائيندي چيو ته پ پ جي حڪومت ۾ سموري سنڌ کنڊر بڻجي وئي آھي, ٿر جا هي هزارين ماڻھون پنهنجن حقن لا۽ روڊن تي نڪتا آھن پر حڪومت هنن هزارين ماڻھن جو آواز ٻڌڻ لا۽ تيار ناهي, ٿر جي ورثو ڪارونجهر جبل جي غيرقانون ڪٽائي بند ڪئي وڃي,فقير شيوا ڪڇي چيو ته سنڌ ۾ مينارٽي جي ماڻھن لا۽ ڌرتي تنگ ڪئي وڃي پئي, اقليتي ماڻھن سان ناانصافيون جاري آھن, اقليتي نمائيندا هڪڙا ڪرپشن ۾ پورا آھن ۽ ٻيا پارٽي پاليسين جي ڪري آواز اٿارڻ لا۽ تيار ناهن, مينارٽي فنڊن ۾ ڪرپشن ۽ پنهنجا نواز پاليسي برقرار آھي,حقيقي مستحق ماڻھن کي اقليتي فنڊ نٿا ملن,ڀيمراج مينگهواڙ چيو ته ٿر جي عوام کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا جيڪو بي آئي ايف جي سڏ تي هزارن جي تعداد ۾ پنهنجن حقن خاطر روڊن تي نڪتا آھن, هن وڌيڪ چيو ته ٿر ڪول پروجيڪٽ ۾ ٿر جي ترقي ۽ ڀلائي لا۽ واضع پاليسي جوڙي وڃي, سالن کان احتجاج ڪندڙ گوڙاڻو ڊيم متاثرن جا جائز مطالبا مڃيا وڃن, تيرٿ ساجن مينگهواڙ چيو ته هن گورنمينٽ مان ٿر جو عوام بيزار ٿي چڪو آھي, ٿر جي عوام کي هنن ڪرپٽ حڪمرانن جي رحم ڪرم تي اڪيلو نه ڇڏبو, احتجاجي مظاهري کي پي ٽي آئي اڳواڻ امين محمد سنگراسي, وڪيل ڀورالال ڀيل,امرشي ٺاڪر,امرشي ڪڇي,تيرٿ ساجن مينگهواڙ, سردار کيمچند ڀيل, باغي سومرو ,ڏيوجي ڀيل, دلپت سنگھ ڀيل, ۽ ٻين خطاب ڪيو

Leave A Reply

Your email address will not be published.