جست اڳواڻ عبدالفتاح چنا ۽ دوست ھادي بڙدي کنڀجي ويا جسقم اڳواڻ ديدار شام جو نمبر پڻ مسلسل بند ھجڻ ڪري وارثن پاران کنڀجي وڃڻ جو شڪ ظاھر

ڪوٽڙي ( رپوٽر) ڪوٽڙي جست اڳواڻ عبدالفتاح چنا ۽ دوست ھادي بڙدي کنڀجي ويا جسقم اڳواڻ ديدار شام جو نمبر پڻ مسلسل بند ھجڻ ڪري وارثن پاران کنڀجي وڃڻ جو شڪ ظاھر
تفصيل موجب ڪوٽڙي سائيٽ واري علائقي خورشيد چوڪ وٽان جيئي سنڌ تحريڪ ڊاڪٽر صفدر سرڪي گروپ جو قائم مقام صدر عبدالفتاح چنا دوست عبدالھادي بڙديء سان گڏ موٽر سائيڪل تي وڃي رھيو ھو ته ويگو تي سوار ھٿيار بندن روڪي کنڀي کڻي ويا عبدالفتاح چنا جي پٽ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته بابا جيئي سنڌ تحريڪ جو قائم مقام صدر آھي سندس سنڌ سان عشق جي ڏوھ ۾ سرڪاري ادارن جي ماڻھن ھٿيارن جي زور تي کيس دوست سميت کنڀي گم ڪيو آهي سائين جي ايم سيد جي سالگرھ ويجھو ايندي ئي رياستي ادرا قومي ڪارڪنن کي ھراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن
ھوڏانھن جسقم بشير خان جو مرڪزي پريس سيڪريٽري ديدار شام جو پڻ ڪالھ مجنھد ٻارنھين وڳي کان مسلسل نمبر بند آھي سندس ڀاء ساجد سنڌي رابطو ڪري ٻڌايو ته ڀاء ديدار شام ڪالھ مجھند ٻارنھين وڳي ڌاري تنظيمي ڪم جي سلسلي ۾ نوابشاھ وڃڻ جو چئي ويو پر نوابشاھ دوستن وٽ ناھي پھتو ۽ مسلسل نمبر پڻ بند آھي اسان کي خدشو آھي ته ڀاء کي سندس دوست افضل سيال سان گڏ کنڀي گم ڪيو ويو آھي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.