مشرف جو لاش لٽڪائڻ جو جملو لکندڙ جج خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو

مشرف جو لاش لٽڪائڻ جو جملو لکندڙ جج خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي فوجي حڪمران پرويز مشرف جي لاش کي ٽن ڏينهن تائين ڊي چوڪ تي ٽنگڻ واري جملي تي حڪومت، فوج، وڪيلن، تجزيه ڪارن سخت ڪاوڙ ۽ ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو آهي. حڪومت ان کي غير آئيني، غير انساني، غير قانوني ۽ غير اخلاقي قرار ڏيندي خصوصي عدالت جي سربراهه ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وقار احمد سيٺ کي هٽائڻ لاءِ سندس خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وزيراعظم عمران خان حڪومتي ميڊيا ۽ قانوني ماهرن جي ٽيم جي اجلاس ۾ ڄاڻايل جج خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايئر مارشل (ر) شهزاد چوڌري چيو ته زينب ڪيس جي مجرم کي سري عام ڦاهي وارو مطالبو به عدالت رد ڪيو هو ته پرويز مشرف جو لاش ٽنگڻ بابت فيصلو غلط آهي. اعتزاز احسن چيو ته لاش لٽڪائڻ جي پاڪستان جو آئين ۽ قانون اجازت نٿو ڏئي. هڪ صوبي جي چيف جسٽس کي سوچڻ گهرجي ها. ان باري ۾ حڪومتي ٽيم جلد پريس ڪانفرنس ۾ وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.