ڪوٽڙي ( شمشاد علي ) ڪوٽڙي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي طرفان سنڌ جي سدا حيات شاعر استاد بخاري کي ڀيٽا ڏيڻ لاء جشن استاد بخاري ميڙاڪو ڪوٺايو ويو
تفصيل موجب ڪوٽڙي پريس ڪلب ۾ سنڌ جي سدا حيات شاعر استاد بخاري کي ڀيٽا پيش پروگرام ناليواري شاعر اديب عزيز قاسماڻي جي صدارت ۾ ٿي گذريو مهمانن ۾ سيد قلندر شاھ ليڪاري الطاف ملڪاڻي آغا ظفر گهايل لغاري احساس ميرل صائب ميمڻ امين لاکو عاشق سولنگي شامل هئا ساس سيڪريٽري نعيم ملڪ مهمانن کي آجياڻو ڏيندي چيو ته استاد بخاري سنڌ جو وڏو شاعر آهي هن جو فڪر عالمگيري حيثيت رکي ٿو جشن استاد بخاري ڪرڻ جو مقصد عظيم شاعر استاد کي عظيم ڀيٽا پيش ڪرڻ آهي ھن وقت يونيورسٽين ۾ استاد بخاري چيئر قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي محبوب سنڌي چيو ته استاد بخاري سنڌيت سان پيار ڪرڻ جو درس ڏيندڙ شاعر آهي هن جي شاعري ۾ سجاڳي جو سڏ ملي ٿو استاد قوم جيارڻ ۽ سنڌ سنوارڻ جو عظيم فلسفو ڏنو آهي صائب ميمڻ چيو ته استاد بخاري جي نالي سان دادو ۾ يونيورسٽي قائم ٿيڻ گهرجي جٿي استاد جي فڪر تي ريسرچ جو شعبو پڻ هجي استاد سادن لفظن ۾ ساھ ڦوڪي سنڌ جي ترجماني ڪئي آهي استاد هاري ناري پورهيت جو شاعر هو الطاف ملڪاڻي چيو ته استاد بخاري جئين سنڌ کي ساراهيو ائين سنڌ جا وارث کيس ڪڏهن به ڪو نه وساريندا امين لاکي چيو استاد بخاري سنڌ جو عظيم شاعر هو اڄ استاد جو فڪر سنڌ جي هر محاذ تي سرواڻي ڪري رهيو آهي استاد جدت جو شاعر آهي جنهن جي ڪري هو هر دور جو شاعر آهي آغا ظفر چيو ته استاد بخاري سنڌي ساهت ادب جي گلستان جو هڪ اهڙو سدا بهار گل آهي جنهن تي ڪڏهن به خزان اچڻي نه آهي عاشق سولنگي چيو ته استاد سنڌ جو سورھ شاعر هو گهايل لغاري چيو ته استاد هن مٽي جو اهو هڳاء آهي جيڪو سدا مهڪندو رهندو احساس ميرل چيو ته استاد بخاري سنڌ جو مهان عوامي انقلابي شاعر آهي سيد قلندر شاھ لڪياري چيو ته استاد بخاري سنڌ بڻجي چڪو آهي ۽ سنڌ ڪڏهن مرڻي ناهي صدارتي خطاب ڪندي عزيز قاسماڻي چيو ته استاد بخاري فن فڪر جو شھنشاھ شاعر آهي ھي ڌرتي جو آواز آهي ۽ هن جي گونج جي حياتي سنڌو درياء جيتري آهي مشاعري ۾ عبدالنبي آزاد اعجاز تنيو لونگ ملاح ڪاشي ميمڻ اختيار غوري غلام حيدر خاصخيلي غضنفر سولنگي صابر سيد پوري اقرار مدهوش ايوب عاجز ۽ ٻين شاعري پڙهي تقريب ۾ نامور راڳين استاد برڪت فقير انو سولنگي رضوان ڪابوري استاد بخاري جا گيت ڳائي داد ورتو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.