سنڌ ۾ گاڏين لاءِ اجرڪ جي لوگو سان ٺهيل نيون نمبر پليٽس آڻڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ گاڏين ۽ موٽر سائيڪلز لاءِ اجرڪ جي لوگو سان ٺهيل نيون نمبر پليٽس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايڪسائيز کاتي جي سيڪريٽري عبدالحليم شيخ جو چوڻ آهي ته پهرئين مرحلي ۾ 3 لک گاڏين ۽ موٽر سائيڪلز لاءِ سنڌي اجرڪ جي لوگو سان نمبر پليٽس تيار ڪيون وينديون. چِپ واري نمبر پليٽ سال 2020ع ۾ متعاف ڪرائي ويندي، اُن حوالي سان وڏي وزير ۽ سنڌ ڪابينا کان منظوري ورتي ويندي.
ايڪسائيز کاتي جي سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته اجرڪ سان ٺهيل نمبر پليٽ کي اسڪين ڪرڻ سان لاڳاپيل گاڏيءَ جي مالڪ بابت سموري ڄاڻ سولائيءَ سان ملي ويندي ۽ گاڏي جا چور به آساني سان پڪڙ ۾ اچي ويندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.