شهيد بنيظير آباد (ڏيان طلب)  ٻانڌي ڀرسان واقع  ڳوٺ محمد خان ڏاهري جي مقامي  زميندار  پرويز احمد ڏاهري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ فرزند 25 ورهين جي نوجوان ياسر پرويز ڏاهري پنهنجي غير روايتي قابليت ڏاهپ ۽ هوشياري جي بنياد تي دنيا اندر سپر پاور جي حيثيت رکندڙ ملڪ آمريڪا ۾ آرمي ڪميشن جو امتحان ڏئي ليفٽننٽ آفيسر جو اهم ترين عهدو حاصل ڪري ورتو. ياسر پرويز ڏاهري کي آمريڪي گهرو وزارت جي ماتحت گهرايل پروقار تقريب ۾ کيس عهدي جو سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيون سندون ڏنيون ويون، علائقي واسين طرفان نوجوان جي وارثن کي مبارڪون ڏنيون پيون وڃن، ياسر جي والد پرويز احمد ڏاهري جو چوڻ آهي ته اسان خدا تعاليٰ جا شڪر گذار آهيون جنهن اسان کي ياسر پرويز جهڙو فرمانبردار با صلاحيت قابل ۽ هوشيار فرزند عطا ڪيو آهي، اسان کي ڪو به تصور نه هو ته ياسر پرويز آمريڪي فوج ۾ اهڙي اهم ۽ وڏو عهدي ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. ياسر پرويز ننڍپڻ کان صرف پنهنجي پڙهائي ۽ تعليم ۾ مصروف رهندو هُو. اسان کي يقين آهي ته ياسر پاڪستان جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ڪندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.