باغي ٿي ويل ڪيفيتن کان پهريان
نثار ٻانڀڻ


رات جو ٽيون پهر هو مون هڪ نجي ٽي وي چئنل جي لاءِ ڊراما سيريل جي آخري قسط لکي پوري ڪئي، ائين لڳو ڄڻ هڪ وڏو بار پاڻ تان لاهي رکيو هيم پر پوءِ به وجود مٿان ڄڻ پراڻو ڪو سوين مَڻَ بار رکيل هو ائين پئي لڳو ته سالن جو ٿَڪُ جسم کي دسيندو رهيو هجي، سو اُن ٿڪل ۽ بيزاريءَ واري ڪيفيت ۾ اها سوچ ئي آئي ته هاڻ سمهڻ کپي، جيڪڏهن صبح جو آفيس جي لاءِ اٿڻو آهي ته پوءِ کڻي صبح جو آفيس وڃڻ کان پهريان ٽي وي چئنل جي ڊائريڪٽر ڏانهن هي اسڪرپٽ اي ميل ڪري ڇڏبو، اهو سوچي سيل فون کڻي صبح جي لاءِ اَلارم پئي ٺاهيم، اُن وقت واٽس اِيپ تي هڪ اڻ سُڃاتل نمبر تان وڊيو ميسيج آيو، مون نه چاهيندي به ان ميسيج کي کوليو، جنهن کي ڏسي منهنجي ننڊ ڪنهن پرديسي پکيءَ جيان ڀڙڪو ڏئي اکين مان اڏامي وئي، ڪافي سالن کانپوءِ هُن پنهنجي وڊيو ميسيج ۾ پنهنجو نظم پاڻ پڙهي موڪليو هو، سندس چهري تي ساڳئي تازگي هئي، ساڳيو اعتماد هو ۽ اکين ۾ ساڳي نمي هئي جنهن جو مان هميشه گهايل رهيو آهيان، سندس جو اهو نظم هتي پڙهائڻ کان پهريان ڪجهه هُن بابت ٻڌائجي، هوءَ جيڪا ساڻ سهيلين جي يونيورسٽي جي پيچرن تي پنڌَ ڇڏيندي پنهنجي آس پاس جي زندگين کي اهو درس ڏيندي هئي ته عشق جي اڇن ڪبوترن جي اُڏار پنهنجي منزل تي رسي وئي آهي هاڻ نوان ڪبوتر اُڏايو ۽ نينهن جي نيرن لفافن ۾ اڃان اوسيئڙو پلجي ٿو، اچو ته ڪجهه ٻين رنگن جا لفافا ڳولهيون، هوءَ ايڪانامڪس ڊپارٽمينٽ جي ڇيڳري ڇوڪري هئي ۽ مان مائيڪروبائيولاجي جو منجهيل ڳوٺاڻو هيس، هُن جي نهار جا سڀئي لشڪر منهنجي دل تي ڪاهي آيا هئا ۽ مونکي فتح ڪري ويا، منهنجي اُن هارجڻ مونکي سمجهايو ته دنيا جي مڙني نيرن ڪتابن ۾ ڪنهن نياڻيءَ جيان ويهاريل ڪرب ۾ جاڳايل شاعري اصل ۾ محبت جو اهو رَتُ هوندو آهي جيڪو نه ملڻ جي موسم جي ڪري نڪرندو آهي. اُن ايڪانامڪس جي راڻيءَ مونکي سسئيءَ جا سور ۽ مارئي جي پنهنجي ديس لاءِ محبت جي شدت سمجهائي، جنهن ڀٽائيءَ جي سڄي سنسار سان عشق اکين سان ڏيکاريو، جنهن ڏکن ۽ سکن جا سڀئي لَڪَ لتاڙڻَ جون حڪمت عمليون ڏسيون، جنهن فيض احمد فيض سان منهنجو ناتو ڳنڍيو، جنهن ادب جي اڱڻ ۾ مونکي کَٽَ وجهي ڏني، جنهن تي ويهي مون چارلس بودليئر، گوئٽي، خليل جبران، رابندرناٿ ٽئگور، فلسطين جو قومي شاعر محمود درويش سان ونڊ رکي جنهن ايراني شاعر احمد شاملُو، جديد ايراني شاعره فروغ فرخزاد، امريڪي شاعر والٽ وِٽمئن جي ڪتابن سان ڪچهريون ڪرايون، جنهن مايا اينجلو، امريڪي شاعر والس اسٽيونس، روسي شاعره ائنا اخمتوف سان ادبي ياري رکائي، جنهن رُوسي ڪوي اليڪساندر پُشڪن، وليم ڪارلوس وليم، ولاديمير سان هڪ اڻ ٽُٽندڙ رشتو جوڙيو، جنهن مايوڪووسڪي، چارلس بُوڪئوسڪي، آئرلينڊ جي شاعر ڊبليو. بي ييٽس ۽ جڳ مشهور انگريز رومانوي شاعر ۽ رومانوي ادبي تحريڪ جي باني، وليم ورڊس ورٿ ۽ وليم بليڪ سان منهنجي شناسائي ڪرائي، اُن دلبر دوست ڪافي سالن کانپوءِ پاڻ کنيل قَسَمُ ٽوڙيندي مونکي وڊيو massage موڪلي پنهنجو تازو نظم شيئر ڪيو…
منهنجي اندر جي پنجين موسمَ
تنهنجو مونساڻ نه هجڻ کي محسوس ڪندي
سالن جي گذرڻ کانپوءِ ڪَرَ موڙي جاڳي پئي آهي!
پر پوءِ به مان اهو ئي چوندس توکي
مونکان ڀَلي پرڀرو ٿي رَهُي پئه تون،
متان رهجي ويل ڪنهن بد دعا جي ڳنڍ نه کُلي پوي
ڇو ته مان محبت کَٽِي ناهيان سگهي!
۽ تون هارائي به سڀ ڪجهه کَٽيو ويٺو آهين!
اهو سڀ وري ڀسم نه ٿي وڃي منهنجي نصيب جيان!
سندس جي اُن هِڪَ منٽَ جي نَظمَ مونکي تمام گهڻو ڊسٽرب ڪري ڇڏيو، اُن نظمَ ۾هُن پنهنجي دل جي مڪمل ڪيفيتن کي اوتيو آهي، مونکي اُن نظمَ مان هُن جي گُذاريل، گذرندڙ ۽ ايندڙ وقت جا سڀ اهڃاڻ ڏِسجي رهيا هئا، اهو نظم ٻڌڻ ۽ کيس ائين هڪ منٽ تائين ڏسڻ کانپوءِ منهنجي دل جا گهوڙا بي قابو ٿي پيا، مون کيس موٽ ۾ اُن وقت ئي بنا ڪجهه سوچڻ جي وڊيو ڪال ڪئي جيڪا هُنَ رسيو نه ڪئي ۽ جواب ۾ اهو text ڪيائين ته جيڪڏهن توکي واندڪائي آهي ته منهنجي زندگيءَ جي حصار ۾ هليو اچُ باقي گهڙين جو قيد نه ڏئي مونکي! مان سندس اهو نياپو پڙهي عجيب وسوسن ۾ ڦاسي پيس، پاڻ کي هيٺ ڪرندي ڏٺم، هڪ جهٽڪي ۾ بم جيان ڦاٽي تباه ٿيندي محسوس ڪيم اُن وقت هڪ لمحي ۾ ئي اسانجو سمورو ماضي اکين جي اسڪرين تي سُري آيو، ائين پئي لڳو ڄڻ مائيڪل اينجلو The Last Judgement کي داهي رهيو هجي، جڏهن وڇوڙي جي ٻوڏ اسانکي ٻوڙي وئي ۽ اسين ڪنهن به طرح پنهنجي جهيڻي وجود کي بچائي نه سگهياسين تڏهن اهو پڪوپهه ڪيو سين ته اسان ٻئي هڪٻئي کي بلڪل به نه سوچنداسين، ڪڏهن به هڪ ٻئي کي ڳولهڻ جي ڪوشش نه ڪنداسين، جيڪڏهن ڪنهن به موڙ تي مِلي به وياسين ته بلڪل اوپرا ٿي ملنداسين ۽ ڪو نئون رشتو نه جوڙينداسين، اهو سڀ ڪجهه هُن جي چوڻ تي طئه ٿيو هو هُن پنهنجي وجود جو قَسَمُ وجهندي اهو مڃرايو هو مونکان ۽ چيو اچ ته اهو طئه ڪري ٿا وٺون ته پاڻ هڪٻئي کان مڪمل طرح اڻ واقف آهيون ۽ سموري حياتي اڻ واقف ئي رهنداسين، هُن وڇڙڻ کان اڳ مون تي زور رکندي سوين قَسَمَ کڻائيندي چيو هو ته جيڪڏهن پاڻ ڪڏهن به ڀُلجي ملياسين ته اُن ڏينهن سندس حياتي باقي نه هوندي، سندس اُن قسم کانپوءِ مان پنهنجون اکيون ۽ دل مٽيءَ ۾ پوري ڇڏيون. جڏهن محبتن جون سڀئي مندون پنهنجي وقت ۽ مزاج سان لهنديون ۽ ورنديون هيون تڏهن هوءَ هميشه مونکي اهو چوندي هئي ته …..
جدائين جي اُداس رُتِ ۾ ڪاوڙجو پهراڻ نه پهرجانءِ
مان موٽ کائي تو ڏانهن ايندس ائين جيئن شام ڳوٺ تي وَري!
قربتن جي حَسين رُتِ سان تنهنجي دل جو اڱڻ سنواري
پره جيان مان ٻيهر ايندس، تون يقين رکجانءِ!
تنهنجي اُنهن مڙني صبحن ۾ بهارون ڀري ڇڏيندس
تون سمنڊ جي هجڻ ۽ آسمان جي بيهڻ جيان يقين ڪر..!
مان ساڻ تولاءِ محبتن جا گلابَ موسم
۽ وصل جي تيز وسڪارا آڻي وفائن ۾ وهنتل توکي مان
ڪيئي مهربان لمحا ڏيندس يقين ڪر تون!
پاڻ سان ساڻ آڻي سوين سنواريل عذر ۽ جواز ڪيئي
منهنجين اکين تي رکي چيائين يقين ڪر تون!
مان تولاءِ آهيان، مان تولاءِ هوندس يقين ڪر تون!
پوءِ ڪيئي وضاحتن ۽ دليلن جا اختيار آڻي مونکي ڏنائين
پر کيس پتو ئي نه هو مان جن ڏکن ۽ سورن جي انتها تي
پنهنجي وجود جي هر پل کي رکيو ويٺ هيس
انهن تي ٻيهر آڻي هُن بيهاري آ چيو يقين ڪر تون!
(پنهنجي نئين ڪتاب نظمن جا آڳر مان کنيل)
اسين هڪ ٻئي جي لاءِ اوپرا ٿي رهجي وياسين اسان جو ڊگهيون محبتون ۽ نه کٽندڙ چاهتن جا رستا هڪ بند گهٽيءَ ۾ بيهجي ويا تڏهن مون اندر جي اور کي اکر نشاني ڪري ڏنا، جن کي منهنجي گهڻ گهرن منهنجا نظم ڪوٺيو ۽ چيو مان چاهتن جون رياضتون لکان بلڪل ائين جيئن صحيفا لکبا آهن، مون جواب ۾ انهن کي ايترو ضرور چيو ته محبتن جا صحيفا لکڻ مون جهڙي سُست ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي پر ڪوشش ڪيان پيو ته ڪجهه لکان ۽ جي مان ڪجهه به لکي سگهيس ته صرف پنهنجو اندر ئي لکي سگهندس ۽ شايد اُن تي به لکي سگهان جنهن مونکي ۽ هُن کي هڪ نئين دڳ تي آڻي بيهاريو آهي، مان هُن کي هڪ نالو ڏنو هو سونَ ، هُن کي اهو تما م گهڻو وڻيو ۽ چيائين چئبو مان قيمتي آهيان! ها هوءَ وڏي قيمتي بڻجي پئي هئي، مون اهو ڪڏهن به نه سوچيو هو ته هاڻي سونَ جي مون سان نه هجڻ تي لکندس، پر هاڻي جڏهن لکان ٿو ته ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ سالن کان سمنڊ جي وصال سان هلي رهيو هجان، هزارين لذتن جا ستم سهندي زندگيءَ جا ساه مون اڪيلي ڳڻيا هجن، سمنڊ جي لهرن جي صف بنديءَ کي سنڀالي رکڻ جا جتن پالي وڏا ڪيا هجن، مون اهو ڪڏهن به نه سوچيو هو ته مسجد جي اڱڻ ۾ موذون جي ڏنل آذان جيان دل منهنجي اڪيلائين ۾ سونَ جي ڳالهين کي ورجائيندي رهندي، ائين ٿو لڳي هُن جي وصل جو زهر منهنجي وجود جي ڪاٺيءَ تي هاريل رهيو آهي نه ته هن وقت تائين مونکي دردن جي اُڏهي کائي ختم ڪري ڇڏيو هجي ها! پر پوءِ به هجر جي اوڙڪون ٿي وسندڙ مينهن روح تائين کي به ٻوڙي ۽ لوڙهي ڇڏيو آهي، ائين ٿو لڳي ته پنهنجن ئي ڪُلهن تي پنهنجي ئي مزار کڻي ٿو هلان صدين کان مان! جڏهن ته اها ڄاڻ کيس به هئي ته ساه کڻن کان ساه ڏيڻ تائين سڀ ڪجهه منهنجو صرف هُن جو ۽ هُن جي لاءِ ئي هو پر پوءِ به ارڏائپ سان دردن جي ڇار کي هوءَ منهنجي اکين ۾ رکي وئي !
هوءَ ڪنڀر ۽ آئون مٽي ئي هيس
سندس ئي وجود جي چَڪَ تي ڦرندڙ
منهنجو بي سُتُ وجود ….
سوچ پنهنجيءَ جي آڱرين سان
جنهن کي ڪيئي روپ ڏنا پئي هُن
اُن ڏاهي جيان جيڪو
سوچُن کي سچ ڪري ٿو ڏيکاري!
هُنَ منهنجي خمير ۾ مزاجن کي اوتيو
۽ منهنجن مزاجن کي نيرولي بڻائي ڇڏيو !
اُن وقت منهنجي ارتقا جي آرسن کي
آوازن جا پاڇا مليا ۽ مان گونگو ئي رهجي ويس
بلڪل ائين جيئن ڪو ڪرب ورتل هجي!
يا گونگي جي ڳالهائڻ جي خواهش شدت اختيار ڪري
منهنجي اُنهن ئي ڪيفيت کي هُنَ پنهنجي سوچ جي گهاڙيٽي ۾ آندو
گهڙي ٺاهي هڪ عجيب روپ ۾ آڻي بيهاريو
پوءِ هُن منهنجي احساسن ۽ جذباتن کي مون تي رڱي
سندي سوچ جي آويءَ ۾ پچائي ائين رکيو ڄڻ مان …
ٿورڙي ڪا رهجي ويل بيجا مِٽي هجان،
اُها مِٽي جيڪا چَڪَ تي ڦري رهي هجي نظرن کان اوجهل
۽ هُن ائين کڻي بيخياليءَ ۾ آويءَ ۾ اُڇلائي هجي!
هُن مونکي ڪنهن به طرح شعور ۾ ڪو نه هو اوتيو
مان هُن جي پيرن جي مٽي ئي بڻجي رهيس
هُن ڪين سمجهيو ۽ ڪين ڄاتو اهو سڀڪجهه
جيڪو منهنجو اهڃاڻ آهي
جيڪا منهنجي سُڃان آهي
هن جي ڳوه ۾ منهنجو ساه اٽڪيل ئي رهيو
سندس جي سڄي سفر ۾ مون اهو ئي سمجهيو
ڪڏهن ڊاهي ٺاهڻ ته وري ڪڏهن ٺاهي ڊاهڻ
ڪرتِ هُن جي ئي رهي صرف مون لاءِ الاءِ ڇو!؟
مونکي ڏئي ٿي هوءَ مختصر حيات الاءِ ڇو!؟
منهنجي ڄمار هُن جي پيرن تي پهريل اُها مٽي آهي
جنهن کي مون پنهنجو نصيب آهي ڄاتو الاءِ ڇو؟!
اڄ سمجهيو آ مون هُن کي هڪجهڙائي کاٽ هڻي ٿي
پر ڪيئن چوان مان هُن کي مونسان ائين نه ڪر
مان ڪڏهن به هُن کان ٺهي نه سگهندس ڪنهن به روپ سان!
(پنهنجي ڪتاب نظمن جا آڳر مان کنيل)
سونَ مونکان هڪ ڀيري پڇيو هو ته ائين ڇو ٿيندو آهي ته وقت هوريان هوريان مٽيءَ جيان ڇاڻي رکندو آهي اُن وجود کي به جنهن تي نينهن جو پاڻي چڙهيل هوندو آهي، اهو پاڻي جنهن ۾ خوابن جون ننڍڙيون ٻيڙيون ٺاهي هلايون وينديون آهن، اهو پاڻي ڇو اکين ۾ اٽڪي پوندو آهي؟ سندس اُن سوال جو جواب مونکي ساڻس وڇڙڻ جي انهن صدين جيڏن لمحن کي گهارڻ دوران سمجهه ۾ آيو هو پر اُن وقت مان کيس ڪو به جواب ڏئي نه سگهيو هيس. هڪ ٻيو به سوال هوءَ اڪثر پڇندي هئي ته هِنَ دل تي گهڻا گهاوَ آهن پر هڪ گهاءُ اهو به آهي جيڪو روز راتين جو جهُري پوندو آهي، جنهن جي ڪري اک ۾ ڪڪر ڀرجي پوندا آهن، اهو ايذاءُ جيڪو ساوڻ ۾ انتها جا سُورَ سوري آڻي مَنَ آڳر تي پاڻ کي سمهاري ڇڏي ٿو ۽ اندر جو هيسيل دڙڪو وڻن مان ڇڻيل پنن جيان بڻجي پوي ٿو، اهو دڙڪو پنهنجي ئي خلاف ڇو هوندو آهي؟! مان کيس ائين جان ڇڏائڻ جي لاءِ چئي ڇڏيو ته ڪجهه به هجي پوءِ به طوفانن کي سندي اوقات جا دڙڪا اهو ئي هيسيل دڙڪو ڏئي وٺندو آهي. مون شايد اهو سونَ کي اُن ڪري چيو هو ته هوءَ صرف هوءَ ئي منهنجي محبت، منهنجا دعا، منهنجي وفا،منهنجا خواب، منهنجو يقين ۽ منهنجو وجود هئي، ايتري جرئت هُن جي هجڻ سان ئي مون ۾ هوندي هئي. مون هُن تي يقين ڪيو، هُن کي ٽُٽِي ڪري چاهيو ۽ هن جي هر اکر تي اکيون ٻوٽي اعتبار ڪيو، شدت سان هو مون هُن سان پيار ڪيو پر پوءِ صرف هجر جي اُها ڇَنَ ورثي ۾ مِلي جنهن مان ڪڏهن به وصل جو مينهن نه گذريو. پر اڄ هُن جي نظم ۽ هڪ text مونکي وري انهن اونهائين ۾ آڻي ڦٽو ڪيو آهي جيان مان ٿورڙو نڪري آيو هيس.
تون اهو کڻي ٻڌاءِ ڪهڙو فرق ٿو پوي
توسان منهنجي هجڻ ۽ نه هجڻ سان
توبنا روئڻ يا کِلڻ سان
منهنجي سرگوشين سان يا آوازن سان
يا درد ۾ ويڙهيل خاموشين سان
توساڻ هجڻ سان يا توکان ڏور رهڻ سان
تون اهو کڻي ٻڌاءِ ڪهڙو فرق ٿو پوي
ڇا منهنجا لڙڪ تنهنجي دل تي پون ٿا
سانوڻ جي پهرين مينهن جيان
جن کي ڪڏهن تو سُرڪيو هيو پيار مان!

Leave A Reply

Your email address will not be published.