ميرپورخاص ( ڌيان طلب) سماجي اڳواڻ واجد لغاري جي بي گناهه گرفتاري خلاف جدوجهد ميٽي سول سوسائٽي ميرپورخاص طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪيمپ هنئي وئي جنهن تي ميرپورخاص بار جو صدر مير نعيم ٽالپر سنڌي هاري تحريڪ جو مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري , ايڊوڪيٽ ممتازلاشاري , وحيد ڪرن شورو , ڊاڪٽر خالد احمد , ايڊوڪيٽ اصغر مرڙاڻي تاج رند غلام حسين ملاڻو وڪيل ايڊوڪيٽ نوشين پهوڙ عبيد بنگلاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ مظاهرو به ڪيوويو جنهن ۾ اڳواڻن مطالبو ڪيو ته واجد لغاري کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي هنن چيو ته هڪ سماجي اڳواڻ تي ايم پي او 3 جو غير قانوني اطلاق جي مزمت ڪريون ٿا هنن مطالبو ڪيو ته ميرپورخاص انتظاميا غلط پرپيگنڊا ڪري شھر ۾ مذهبي منافرت پئي وڌائي سنڌ سرڪار نوٽيس وٺي نيب زده عملدار هٽائي مظاهرين مطالبو ڪيو ته واجد لغاري تان نظربندي ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي .

Leave A Reply

Your email address will not be published.