ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جي ڪاميابي ڪالعدم قرار

اليڪشن ٽربيونل قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 265 تان ڪامياب پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، قاسم سوري جي چونڊ ڪاميابي کي نوابزاده لشڪري رئيساڻي چئلينج ڪيو هو ۽ 2018 جي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي جي خلاف درخواست داخل ڪئي هئي، واضح رهي ته لشڪري رئيساڻي ان 5 اميدوارن ۾ کان هڪ هو جن اين اي 265 کان چونڊ ۾ حصو ورتو هو پر ان کي قاسم سوري هٿان شڪست کي منهن ڏسڻو پئجي ويو، بلوچستان نيشنل پارٽي جي اميدوار جي طرفان پنهنجي درخواست ۾ چيو ويو ته اين اي 265 جي چونڊ ۾ ٽوٽل هڪ لک 14 هزار ووٽ وڌا ويا، جن ۾ 65 هزار ووٽ غلط هئا، هُن اعتراف ڪيو ته چونڊون ڌانڌلي سٽيل هيون، ڇو ته 65 هزار جعلي ووٽن جي تصديق نه ٿي سگهي، ان درخواست ۾ جسٽس عبدالله بلوچ جي سربراهي ۾ اليڪشن ٽربيونل ٻڌڻي ڪئي هئي 14 سيپٽمبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويو، .

Leave A Reply

Your email address will not be published.