غير مسلم کي فليٽ وڪرو ڪرڻ ۽  مسواڙ تي ڏيڻ منع آهي

” غير مسلم کي فليٽ وڪرو ڪرڻ ۽  مسواڙ تي ڏيڻ منع آهي ڪراچي ۾ رهائشي عمارت ۾ لڳايل نوٽيسز تي سنڌ اسيمبلي ۾ بحث لاءِ رٿ جمع ڪرائي وئي. سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي جي پوش علائقي ڪلفٽن بلاڪ 8 ۾ خليل الزمان روڊ تي واقع مچيريا ريزيڊنسي ۾ نوٽيس لڳايا ويا، نوٽيس رسيپشن ۽ مرڪزي دروازي تي لڳايا ويا، جن تي لکيو ويو ته ”ڪنهن به غير مسلم کي مسواڙ تي گھر ڏيڻ تي پابندي آهي، غير مسلمن کي گھر وڪرو به نه ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن به شخص ڪنهن غير مسلم کي گھر مسواڙ تي ڏنو يا وڪرو ڪيو ته ان کي ڪا به سهولت فراهم نه ڪئي ويندي ۽ هو ان عمل جو پاڻ ذميوار هوندو“ اهڙن نوٽيسز جا فوٽو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد عمارت جي انتظاميه کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. جڏهن ته جي ڊي اي ايم پي اي نند ڪمار گوڪلاڻي سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ تحريڪ التوا پڻ جمع ڪرائي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته رياست ۾ هر شهري کي برابر جا حق مليل آهن، مچيريا ريزيڊنسي ۾ جيڪي نوٽيس هنيا ويا آهن، ان معاملي تي سنڌ اسيمبلي ۾ بحث ڪرايو وڃي. ٻئي طرف معاملو ميڊيا ۾ اچڻ بعد بلڊنگ انتظاميا رات دير سان ڄاڻايل نوٽيس لاهي ڇڏيا آهن

Leave A Reply

Your email address will not be published.