لاڙڪاڻو جي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي هاسٽل مان مرده حالت ۾ مليل شاگردياڻي تمرتا جي وارثن آپگهات جي خدشي کي رد ڪندي واقعي کي قتل قرار ڏئي ڇڏيو ۽ انتظاميه کي ذميوار قرار ڏيندي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. آصفه ڊينٽل ڪاليج جي هاسٽل نمبر 3 جي روم نمبر 47 مان فائينل ايئر جي شاگردياڻي نمرتا ڌيءُ جئه پال داس جو لاش هٿ آيو آهي. اطلاع تي پوليس پهتي ۽ لاش تحويل ۾ وٺي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪريون پيا. شهيد بينظير يونيورسٽي جي انتظاميه نمرتا جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي. جنهن ۾ اي ايس پي سٽي محمد ڪليم ملڪ، آصفه ڊينٽل ڪاليج جي وقتي پرنسپال شاهد ميراڻي ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پروفيسر ڪي داس کي شامل ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم لاءِ 4 رڪني بورڊ به جوڙيو ويو، ميڊيڪل بورڊ جو چوڻ آهي ته نمرتا جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪري 2 جزا ورتا ويندا، هڪڙا جزا لاڙڪاڻي ۾ ئي چڪاسيا ويندا، ٻيا ڪراچي اماڻيا ويندا.

 وي سي ڊاڪٽر انيلا ميمڻ ٻڌايو ته شاگردياڻي نمرتا آصفه ڊينٽل ڪاليج ۾ فائينل ايئر ۾ پڙهندي هئي ۽ هوءَ آخري سال جي امتحانن جي تياري جي سلسلي ۾ هاسٽل روم ۾ اڪيلي رهندي هئي. سندس ڳلي تي نشان موجود آهن، جنهن مان لڳي ٿو ته واقعو آپگهات آهي، شاگردياڻيءَ جي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو آهي.
وارثن جو موقف
ناري جي وارثن   آپگهات واري خدشي کي رد ڪري ڇڏيو، هن چيو ته نمرتا آپگهات نه ٿي ڪري سگهي، اصل معاملي کي لڪايو پيو وڃي، نمرتا سئو رپيا گهرندي هئي ته کيس هزار رپيا ملندا هئا، هزار گهرندي هئي ته لک ملندا هئس، مطلب جنهن کي ڪا به تڪليف يا پريشاني نه هجي، اها ڇوڪري آپگهات ڪيئن ٿي ڪري سگهي. هن مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي حقيقت سامهون آندي وڃي ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي. نمرتا جي ڀاءُ ڊاڪٽر وشال واقعي کي قتل قرار ڏيندي يونيورسٽي انتظاميه کي ذميوار قرار ڏنو آهي، سندس چوڻ آهي ته هو پاڻ ڊاڪٽر آهي، ڀيڻ جي جسم تي تشدد جا نشان آهن، ادارن ۾ هراسمينٽ ٿيندي آهي. هن چيو ته نمرتا آپگهات ناهي ڪيو، کيس قتل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو موقف
ايس ايس پي مسعود بنگش چيو آهي ته في الحال ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي ته ناري آپگهات ڪيو آهي يا کيس قتل ڪيو ويو آهي، فنگر پرنٽس سميت شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ موت جو ڪارڻ معلوم ٿيڻ بعد ڪافي شيون واضح ٿي وينديون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.