پوليس هيڊ ماسترن تي ڪڙڪي پئي

ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ مرد ۽ عورت هيڊ ٽيچرز تي پوليس جي لٺ بازي، چڪريون ، ڪيترائي گرفتار

 آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊماسترز پڪو نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪرڻ بعد سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ عورت ۽ مرد هيڊماستر شامل هئا.

مظاهرين وزيراعليٰ هائوس ڏانهن وڌڻ لڳڻ ته پوليس کين روڪي ورتو ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو، جنهن دوران پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون به ٿيون آهن. جڏهن ته

.
مظاهرين جو چوڻ آهي ته 3 سال اڳ هُنن آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ ڊيوٽي به ڪري رهيا آهن، پر 3 سال گذرڻ باوجود کين پڪو نه ڪيو ويو آهي. هڪ پاسي سندن جائز مطالبا نه مڃيا وڃن ٿا، مٿان وري احتجاج ڪرڻ تي کين تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.