ميرپورخاص (ڌيان طلب ) ميرپورخاص سول اسپتال انتظاميا پاران لاش کڻي وڃڻ لاءِ ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار تي مڙهه موٽرسائيڪل تي کڻي ويندڙ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. مليل ڄاڻ موجب سول اسپتال انتظاميا ايمبولينس ۾ تيل وجهرائڻ ۽ ڀاڙي لاءِ 2 هزار رپيا طلب ڪيا جيڪي نه هئڻ تي ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ايمبولينس نه ملڻ تي ٻارڙي جو والد ۽ چاچو موٽرسائيڪل تي مڙهه کڻي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ حادثو پيش آيو جنهن سبب ٻارڙي جي والد ڪيول ۽ چاچي رميش جي ساهه جو سڳو ٽٽي پيو. حادثي کانپوءِ ايمبولينس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ٽنهي فوتين جا مڙهه کڻائي اسپتال منتقل ڪيا ويا ۽ ٻئي طرف پوليس ڪارروائي ڪندي .موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻندڙ شهزور گاڏي کي تحويل ۾ ورتو ۽ ڊرائيور کي پڻ گرفتار ڪيو ويو. پوليس پاران حادثي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.