ڪوٽڙي( رپوٽر ) ڪوٽڙي سائيٽ غريب آباد ڪالوني جو رھواسي 16 سالا نوجوان نظام الدين ھيسباڻي يارنھن محرم الحرام کان لاپتا وارث پريشان
تفصيل موجب ڪوٽڙي سائيٽ واري علائقي غريب آباد ڪالوني جو رھواسي نائين ڪلاس جو شاگرد 16 سالا نظام الدين پٽ حبدار علي ھيسباڻي يارنھن محرم الحرام جي ڏينهن کان لاپتا آھي نوجوان جي والد حبدار علي ھيسباڻي جو چوڻ آهي ته منهنجو پٽ نظام الدين جيڪو يارنھن تاريخ تي گھران نڪري ويو ڪافي ڳولا جي باوجود اڃان تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگھيو آھي پٽ جي گمشدگي جي رپورٽ حد جي پوليس پوسٽ ٽي بي اسپتال تي پڻ داخل ڪرائي آهي اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناھي ھن ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ٻين وس وارن عملدارن کي پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته اسان تمام گھڻو پريشان آھيون خدارا اسان جي مدد ڪئي وڃي.
حبدار علي ھيسباڻي 03033987829

Leave A Reply

Your email address will not be published.