– سنڌ جي حقن جي ويڙھ نفرت جي ھٿيار سان نہ پر پنھنجي حق جي ھٿيار سان وڙھو.- نورالهدا شاه

سنڌي ڳالھائیندڙَ ٽوئیٽر تي تمام ٿورڙا آھن. جيڪڏھين اوھان کي رياست ء حڪومت تائین ء ٻيئن سياسي ء سماجي ڌرين تائین پنھنجو موقف رکڻو آھي تہ اوھان کي ٽوئیٽر تي ايڪٽوِ ٿيئڻو پوندو. فيس بڪ محدود دائرو آھي جنھن م اوھان جا چونڊيل دوستَ آھن. ان پليٽ فارم تي اوھانجو آواز سگھارو نٿو ٿي سگھي.
پليز ٽوئیٽر تي پنھنجا اڪاؤنٽ ٺاھيو. پاڻ کي وڏي پليٽ فارم تي ايڪٽوِ ڪريو ء ڪوشش ڪري اتي اھڙي ٻوليءَ م بہ پنھنجو موقف رکو جيڪا ٻيا بہ سمجھي سگھن.
ان م ڪو بہ عيب ناھي.
اسان کي ھڪ ٻي کي پنھنجا مسئلا ناھن ٻڌائڻان. اسان کي ٻيئن کی مخاطب ڪرڻو آھي.
ٻي اھم ڳالھ اھيا آھي تہ ياد رکڻ گھرجي تہ نفرت ء گارگند وارا ڪمنٽس اوھان جي موقف کي ڪمزور ڪندا. پنھنجو ڌيان صرف پنھنجي مقصد تي رکڻ گھرجي.
ڪيئي اردو ڳالھائیندڙَ بہ سنڌ جي خود مختاريءَ جي حقَ تي سنڌ جي حق م ھن وقت ڳالھائي رھيا آھن. جيڪڏھين سوشل ميڊيا جي وسيع پليٽ فارم تي نظر رکندا تہ اوھان کي ڪيئي نظر ايندا. سنڌ م رھندڙ سڀني طبقن کي کڻي ھلو.
ھڪ فروغ نسيم سڀني اردو ڳالھائیندڙن جو نمائندو ناھي.
ھن ڌرتي تي سڀني کي رھڻو آھي. پنھنجن حقن لاء آواز تڏھين سگھارو ٿيندو جڏھين ٻيئن جی حقن کي بہ حقيقت پسندي سان مڃتا ڏبي

Leave A Reply

Your email address will not be published.