جاتي:(رپورٽ:ڌيان طلب)جاتي جي مختلف ڳوٺن ۾ سارين جي فصل ۾ جيت مار دوا جو ڦوھارو ڪرڻ دوران 21 هاري بيهوش ٿي پيا جن کي جاتي اسپتال  پھچايو ويو جتان ٽن ڄڻن کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي ريفر ڪيو ويو،،
 جاتي تعلقي ۾ سارين جي فصل ۾ جيت مار زهريلي دوا اسپري ڪرڻ سبب 21 هاري بيهوش ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال جاتي ۾ داخل ڪيو ويو،جن مان ٽن ڄڻن صديق ملاح،گل زمان ملاح ۽ محمد امين ملاح جي حالت نازڪ هجڻ سبب کين ڪراچي منتقل ڪيو ويو،جڏهن ته  19 ڄڻن عبدالخالق ملاح،آچار ملاح،ناٿن شاه،امير بخش چالڪو،عباس گهنو ۽ سومار گاجاڻي سميت ٻين کي تعلقي اسپتال جاتي ۾ داخل ڪيو ويو آهي،ٻي طرف ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر يامين شاه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته زرعي دوائن جون ڪمپنيون خطرناڪ قسم جو غير معياري دوائون تيار ڪيو آھن جن جي استعمال سان انساني جانيون خطري ۾ اچي ويون آھن اھڙين دوائن جي استعمال کان اڳ بچاء لاء ڪي احتياطي اپاءۡ نه ورتا ويا آھن ھن چيو ته زھريلي دوا سان بيھوش ٿيندڙ روزانو 10 کان 15 ماڻھون اچن ٿا جن مان اڪثرن جي حالت نازڪ ھوندي آھي،،،

Leave A Reply

Your email address will not be published.