ڪراچي(ڌيان طلب) فنڪشنل ليگ اڳواڻ  ايم پي اي نصرت سحر عباسي ڪراچي ڪاميٽي ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نصرت سحر ٻڌايو ته ميڊيا ذريعي خبر پئي آهي ته مون کي ڪراچي ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته  ان ڪاميٽي ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان موکان ڪا به صلاح ناهي ورتي وئي.. مان سوال ڪيان ٿي ته ڪراچي ڪاميٽي ڇا آهي؟ جيڪڏهن وفاق کي ڪم ڪرڻو آهي ته سنڌ ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا پوري سنڌ لاءِ ڪم ڪري. باقي ڪراچي لاءِ ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو مطلب آهي ته اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڪراچي سنڌ کان الڳ شهر آهي. مان اهڙي ڪاميٽي جو حصو بڻجي نه ٿي سگھان.

Leave A Reply

Your email address will not be published.