اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ “ن” جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪراچي اختيارن جي معاملي تي قانون وارو وزير پاران آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ وارو بيان حيران ڪندڙ آهي، حڪومت هاڻ ڪراچي اندر به ڌاڙو هڻڻ لڳي آهي.

احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته شاهد خاقان عباسي جي گرفتاري کي 55 ڏينهن جڏهن ته مفتاح اسمائيل کي 37 ڏينهن ٿي ويا پر 55 ڏينهن کان پوءِ به ريفرنس داخل ناهي ٿي سگھيو، احتساب عدالت اندر اڄ به ڪو جواز پيش نه ڪري سگھيا. شاهد خاقان عباسي سستو ايل اين جي ٽرمينل لڳايو ان سبب کيس سزا ميل عمران الحق کي ودستي سبب ايم ڊي لڳائڻ جي الزام تي ريفرنس ٺاهيو پيو وڃي، عمران الحق هڪ پروفيشنل آهي پر جيڪي به لائق ماڻهو آهن اهي هاڻ جيل يا نيب قيد ۾ آهن، جيستائين نالائق، نااهل ۽ سليڪٽڊ حڪومت رهندي اهي سڀ اندر ئي رهندا.

هن چيو ته پاڪستان ۾ نااهلي ۽ نالائقي جو دور آهي، تبديلي جا دعويدار چون ٿا ته ماني نه تبديلي کائو، هڪ سال ۾ ترقي جي شرح اڌ ۽ مهانگائيءَ 13 سيڪڙو ٿي وئي، ڪاروباري طبقي کي ڇوٽ ڏني ويندي آهي ۽ ايٿنول جي مد ۾ هر سال 4 ارب رپيا معاف ڪيا ويا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.