ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 (4) جي حوالي سان پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي، حليم عادل شيخ ۽ خرم شير زمان گڏيل پريس ڪانفرنس

 ڪراچي :  پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ فردوس شميم نقوي ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ٿيڻ جي حمايت اعلان ڪري ڇڏيو .
حليم عادل شيخ چيو ته توڙي جو ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 (4) لاڳو ٿيڻ لاءِ تجويز نه ڏني وئي آهي، پر هو اُن جي حمايت ڪن ٿا.
حليم عادل شيخ چيو ته نئون پاڪستان ٺهيو آهي ته نئين سنڌ به ٺهندي ۽ نئون ڪراچي ٺهندو. عمران خان پاڪستان جو مسيحا آهي. ڪراچي جي حوالي سان اڃا ڪميٽي ٺهي رهي آهي، اُن جي ٽي او آرز طئه ٿيندا ۽ انشاءَ الله ڪراچي جي بهتري لاءِ سفارشون به ڏنيون وينديون. آرٽيڪل 149 ڪو مارشل لا نه آهي جو اُن تي پيپلز پارٽي سنڌ ڪارڊ کيڏي رهي آهي.
پريس ڪانفرنس دوران حليم عادل شيخ بار بار اهو چوندو رهيو ته هو سنڌ جي ورهاڱي جي خلاف نه آهن، جنهن تي فردوس شميم نقوي سندس تصحيح ڪئي ته ڪنهن به ورهاڱي جي خلاف آهيون. بعد ۾ حليم عادل شيخ وري چيو ته پي ٽي آءِ سنڌ جي ورهاڱي جي خلاف رهي آهي.

فردوس شميم نقوي پريس ڪانفرنس دوران ڪراچي ۽ سنڌ جا لفظ ڌار ڌار استعمال ڪندو رهيو.

. اُن لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، خان صاحب هدايت ڪئي آهي ۽ اُن موجب ڪوشش ڪنداسين ته هڪ مهيني ۾ بُنيادي سفارشون تيار ڪري پيش ڪريون. هُن چيو ته ڪراچي ترقي ڪندو ته سنڌ ترقي ڪندي ۽ پاڪستان ترقي ڪندو. ڪراچي تيستائين ترقي نه ڪندو، جيستائين بنيادي ڍانچو ۽ انتظاميا تبديل نه ٿيندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.