ڪراچي(ڌيان طلب) فنڪشنل ليگ جي سربراهه پيرپاڳاري چيو آهي ته فروغ نسيم کي سوچي سمجهي ڳالهه ڪرڻ گهرجي ها، قانون واري وزير کي گهرجي ته آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ بدران ملڪ جو گادي وارو هنڌ واپس ڪراچي آڻڻ جو مطالبو ڪيو. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پيرپاڳاري چيو ته قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم جي بيان تي حيرت ٿي آهي، کيس سوچي سمجهي ڳالهه ڪرڻ گهرجي ها. پيرپاڳاري چيو ته جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو ته ڪراچي ملڪ جو گادي وارو هنڌ هو. ڀارت کان هجرت ڪري ايندڙن جي اڪثريت ڪراچي ۾ ترسڻ کي ترجيح ڏني. اوچتو گادي وارو هنڌ ڪراچي مان اسلام آباد منتقل ڪيو ويو. جنهن عمل سان قومي ناڻي جا اربين رپيا خرچ ٿيا، ملڪ جو گادي وارو هنڌ ڪراچي مان منتقل ڪرڻ جي ضرورت نه هئي. پيرپاڳاري چيو ته ڪراچي کي ڌار ڪرڻ جي ڳالهه ناقابلِ فهم ۽ ناقابلِ قبول آهي. هن چيو ته هن وقت به سڪيورٽي جي اعتبار کان ملڪ جو پهريون گادي وارو هنڌ ڪراچي وڌيڪ محفوظ آهي. هن چيو ته فروغ نسيم کي گهرجي ته ملڪ جو گادي وارو هنڌ واپس ڪراچي آڻڻ جو مطالبو ڪري. پيرپاڳاري چيو ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي ڳالهه درست ناهي، جيڪڏهن گادي وارو هنڌ منتقل ڪيو ويو ته تڏهن گادي واري هنڌ رهندڙن کي ڇو منتقل نه ڪيو ويو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.