پي آءِ اي مسافرن لاءِ خوشخبري، ٽيڪسي جي سروس مفت

ڪراچي(ڌيان طلب)  پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين ۽ آن لائين ٽيڪسي سروس ”ڪريم“ جي اختيارين معاهدي جي هڪ يادداشت تي صحيحون ڪري ورتيون. جنهن تحت ڪريم طرفان پي آءِ اي جي مسافرن کي گهر کان ايئرپورٽ ۽ ايئرپورٽ کان گهر تائين مفت سروس فراهم ڪئي ويندي. پي آءِ اَي جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هڪ وڊيو به جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پي آءِ اي جو صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو ايئر مارشل رٽائرڊ ارشد ملڪ ڪريم جي اختيارين جي قدمن جي واکاڻ ڪري رهيو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.