ڪوٽ غلام محمد(رپورٽر)عمرڪوٽ ۾ ٽڪر هڻي ماريل نوجوان انجنئير رجنيش مالهي سان انصاف ڪريو ،جوابدار پونجو ڀيل کي گرفتار ڪريو ،ڪوٽ غلام محمد جي اقليت برادري ۽ شاگرد روڊن تي نڪري آيا ،نٽهڻ اس ۾ نيشنل پريس ڪلب آڏو سخت احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو نعريبازي ،پ پ اڳواڻ پونجي ڀيل اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو آهي ،پونجي ڀيل کي گرفتار ڪري رجنيش سان انصاف ڪريو ،مظاهرين خبرموجب ؛،عمرڪوٽ واسي نوجوان انجنئير رجنيش مالهي واري واقعي جي جوابدار وڪيل پ پ اڳواڻ پونجو ڀيل جي گرفتاري لاء ڪوٽ غلام محمد جي اقليت برادري ماڻهن ۽ شاگردن نٽهڻ اس ۾ ريلي ڪڍي شهر جو گست ڪرڻ بعد نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ،ان موقعي تي اڳواڻن ۽ شاگردن پرتاب مالهي ،نارايڻ داس مالهي ،واسو مل مالهي ،منيش ڪمار ،گووند رام ،جيارام ،ڌهارو مالهي ،حارث قائم خاني ،لالو مالهي ،ٽيڪم مالهي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته اقراء يونيورسٽي جي شاگرد انجنئير رجنيش ڪمار مالهي کي پ پ اڳواڻ پونجي ڀيل ڄاڻي واڻي ٽڪر هڻي قتل ڪرڻ بعد زخمين کي ڌمڪيون ڏيندو اقتداري ڌر سان واسطو هئيڻ سبب شراب جي نشي جي حالت ۾ فرار ٿي ويو ،هنن چيو پونجو ڀيل خلاف ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پ پ جا بااثر پونجي ڀيل جي گرفتاري ۾ رڪاوٽ بڻجي ويا آهن ،هنن چيو ته پ پ هميشه اقليتن جي حقوق جي ڳالهه ڪندي آهي هاڻي انهن جا حقوق ڪيڏانهن ويا ،جيڪي هڪ قاتل کي لڪائي ويٺا آهن ،۽ شاگرد جي خون سان انصاف ۾ رنڊڪون وجهي رهيا آهن ،هنن پ پ چئيرپرسن بلاول ڀٽو ،سي ايم سنڌ سيد مراد علي شاه ،وزيراعظم عمراڻ خان سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته قاتل پونجي ڀيل کي گرفتار ڪري مقتول رجنيش جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ،ٻئي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ اقليت برادري سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري ايندي ،جڏهن احتجاج ۾ شامل شاگردن پاران رجنيش سان انصاف ڪريو ،قاتل پونجي ڀيل کي گرفتار ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندا رهيا ،

Leave A Reply

Your email address will not be published.