ٺٽي ۽ نوشهروفيروز ۾ سنڌو درياهه  ۾ وهنجندي ڪراچي واسي 7 ڄڻا ٻڏي ويا، ٽن کي بچايو ويو

 ٺٽي ۽ نوشهروفيروز ۾ سنڌو درياهه  ۾ وهنجندي ڪراچي واسي 7 ڄڻا ٻڏي ويا، ٽن کي بچايو ويو، چئن جي ڳولا جاري. نوشهروفيروز جي علائقي دريا خان مري ويجهو نصرت واھه ۾ وهنجندي ڪراچي واسي 4 ڄڻا فيضان قريشي، عبدالوحيد، ياسر ۽ سراج ٻڏي ويا. ٽيڪسي ڊرائيورن ۽ شھرين مڙسي ڪري ٻن ڄڻن فيضان پٽ اسلم قيشي ۽ سراج پٽ محمد نواز کي ٻاهر ڪڍي ورتو، جن کي بيهوشي واري حالت ۾ منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته ٻن ڄڻن عبدالوحيد ۽ ياسر جي ڳولا جاري آهي. هوڏانهن اسپتال ۾ طبي امداد بعد فيضان ۽ سراج کي هوش ۾ آندو ويو. جن ٻڌايو ته هو ڪراچي جي علائقي بلال چورنگي جا رهواسي آهن. هوڏانهن ٺٽي جي سونڊا شهر ويجهو سنڌو درياءَ ۾ وهنجندي تبليغي جماعت سان واسطو رکندڙ 3 ڄڻا ٻڏي ويا. جن مان هڪ ڄڻي پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻ کي بچائي ٻاهر نڪري آيو، .

Leave A Reply

Your email address will not be published.