نيوسعيدآباد( رپورٽ: دانش رزاق) نيوسعيدآباد ۾ ڪاڪا- جکرا برادري خوني تڪرار نبيرڻ لاءِ آيل ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي جهيڙيندڙ ڌريون ٺاهه لاءِ راضي ٿي ويون. مقامي معزز ماڻهن سردار احمد راھو، ايس ايڇ او نور ڪيٽي اياز احمد پنجھوٿو، صحافين قاسم قمبراڻي، حسين ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو پاڪ ڪتاب کڻي ٻنھي ڌرين جي ڳوٺن گولو جکرو ۽ بچل ڪاڪا پھتو. ميڙ منٿ قافلو پهريان ڳوٺ بچل ڪاڪا ۽ پوءِ ڳوٺ گولو جکرو پھتو، جتي ٻنهي ڌرين کي خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ اپيل ڪئي وئي. جهيڙيندڙ ٻئي ڌريون ميڙ کي مان ڏيندي راضي ٿي ويون. طئي ڪيو ويو ته ٻنهي ڌرين جي صلاح مشوري سان فيصلي جي تاريخ رکي ويندي. واضح رهي ته 27 سال اڳ 9 ورهين جي نينگر ڪريم ڏنو جکرو کي مبينا طور بدفعلي بعد قتل ڪرڻ تان تڪرار شروع ٿيو، جنهن بعد تڪرار دوران پرائمري استاد محرم ڪاڪا، پوليس ھيڊ ڪانسٽيبل گلبھار جکرو ۽ واٽھڙو مختيار راجپوت مارجي چڪا آهن

Leave A Reply

Your email address will not be published.