ڪراچي (شوبز نيوز)  ماڊل صوفيا مرزا خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

گذريل ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي اهي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته صوفيا مرزا خلاف ايف آءِ اي مني لاندرنگ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي پر اداڪاره ان جي ترديد ڪئي هئي. ايف آءِ اي موجب صوفيا مرزا خلاف قومي احتساب بيورو (نيب) طرفان ڪيس منتقل ڪرڻ کانپوءِ جاچ شروع ڪئي وئي. .. هوڏانهن سوشل ميڊيا تي خبرون سامهون اچڻ کانپوءِ اداڪاره ٽويٽر تي پنهنجي ٻن وڊويز ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته سندس خلاف ڪنهن به قسم جي جاچ ناهي ٿي رهي جڏهن ته هن خلاف ڪوڙي پروپيگينڊا تحت خبرون هلايون پيون وڃن. صوفيا مرزا وڊيوز ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته هن خلاف سندس مڙس عمر فاروق ظهور جي چوڻ تي ڪوڙيون خبرون پکيڙيون پيون وڃن جيڪو سندس ٻن ڌيئرن جي اغوا ۾ ملوث آهي. اداڪاره ۽ ماڊل جو چوڻ هو ته کيس يقين آهي ته سندس اڳوڻو مڙس ئي پروپيگينڊا تحت ڪوڙيون خبرون پيو پکيڙي ان سان گڏوگڏ ماڊل خبرون پکيڙيندڙ سوشل ميڊيا پيجز ۽ صارفين خلاف ايف آءِ اي جي سائبر ونگ ۾ شڪايت درج ڪرائي ڇڏي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.