ڪوٽڙي(رپورٽ ڌيان طلب) ڪوٽڙي شاگرد يونين جي بحالي لاءِ  يوٿ ايڪشن ڪميٽي جو وفد ڄامشورو بار ڪائونسل پھتو بار ڪائونسل جي وڪيلن مڪمل سھڪار جي خاطري ڪرائي ۽ احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت جو پڻ اعلان ڪيو

تفصيل موجب يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جو وفد سنڌو نواز گھانگھرو حمزا چانڊيو سرمن بروھي سھيل ڀٽو جي اڳواڻي ۾ بار ڪائونسل ڄامشورو پھچي وڪيل برادي کي 21 تاريخ تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ شاگرد يونين جي بحاليء لاء احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏني سينئر صحافي عبدالجبار ڪابورو پڻ گڏ ھيو ان موقعي تي اڳواڻن ڄامشورو بار جي وڪيلن سان خطاب ڪندي چيو تہ شاگرد يونين تي پابندي هڻي شاگردن جي حقن تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا جيڪا آئين جي پڻ ڀنڃڪڙي آھي شاگردن کان آزادي کسي وئي آهي جنهن سبب شاگرد سخت پريشانين کي منهن ڏين ٿا يونيورسٽين توڙي ڪاليجن ۾ شاگردن سان ٿيندڙ ناانصافين جو ازالو بہ نٿو ڪيو وڃي شاگرد پنهنجي جائز حقن کان بہ محروم رهن ٿا ضياء جي دور ۾ شاگرد يونين مٿان مڙهيل پابندي جمهوريت جون دعويدار پارٽيون بہ هٽرائي ناهن سگهيون ان ڪري نوجوانن جي بهترين مستقبل لاء اسان سڀني کي اڳيان اچڻو پوندو شاگرد سياست ئي قومن جي تقدير بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ان لاءِ احتجاجي تحريڪ سميت قانوني رستو پڻ اختيار ڪنداسين دنيا جي ڪنهن بہ ملڪ ۾ شاگرد يونين تي پابندي ناهي اسان وٽ ڊڪٽيٽرن شاگرد يونين تي پابنديون مڙھي انصاف ۽ آئين جي لتاڙ ڪئي آهي جيڪي نوجوانن لاءِ ناسور بڻيل آهن ڄامشورو بار جي صدر نورالامين سپيو مير احمد مڱريو خطاب ڪندي چيو تہ اسين شاگرد يونين جي بحالي لاءِ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي احتجاج جي حمايت ڪيون ٿا ۽ هر ممڪن مدد ڪرڻ لاء ساڻن گڏ آھيون 21 تاريخ تي ٿيندڙ احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين ۽ قانوني طور تي پڻ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جو وفد ڄامشورو پريس ڪلب جي صحافين سان پڻ ملاقات ڪئي سينئر صحافي رب ڏنو ڪي ڪي بروھي مرتضي نوحاڻي ۽ ٻين پڻ مڪمل سھڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.