اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان ڀارتي صدر کي فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت گذريل 34 ڏينهن کان ڪشميرين کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو آهي، اسان صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ محتاط انداز ۾ مسئلي کي اُٿاريو پر ڀارت جي ڪن تي جونءَ به نه سُري. هُن چيو ته ڀارت صدر آئيس لينڊ وڃڻ لاءِ پاڪستاني فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت گهري هئي، پر ڪشمير جي موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي ڀارتي قيادت کي پاڪستان جون فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.