ڪراچي ايئرپورٽ تان 3 ڏينهن اڳ کنڀجي ويل پروفيسر انعام ڀٽي آزاد ٿي ويو،

 انعام ڀٽي جي گهرواري شگفته تصديق ڪئي آهي ته انعام ڀٽي آزاد ٿي ويو آهي. فيس بڪ تي سندس اسٽيٽس ڏسي ساڻس رابطو ڪيو، جنهن دوران هن ٻڌايو ته هو آزاد ٿي ويو آهي، ڪجهه دير ۾ حيدرآباد پهچي رهيو آهي. هوڏانهن ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته انعام ڀٽي جي گهرڀاتين کي ڪراچي گهرائڻ بعد کيس انهن حوالي ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته سندس آزادي لاءِ سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران شديد احتجاج مذمت ڪئي وئي هئي ۽ آزادي جو مطالبو ڪيو ويو هو..

Leave A Reply

Your email address will not be published.