راولپنڊي: پاڪ فوج جي جوانن ۽ آفيسرن سان يڪجهتي لاءِ وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف قمر جاويد باجوا لائن آف ڪنٽرول تي پهچي ويا.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪنٽرول لائن پهچي ويا آهن جتي هو پاڪ فوج جي جوانن ۽ آفيسرن سان ملاقات ڪندا.

آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم ۽ آرمي چيف شهيدن جي گهروارن سان ملاقات به ڪندا، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ بچاءُ وارو وزير پرويز خٽڪ سان گڏوگڏ ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين به ساڻن گڏ آهي

Leave A Reply

Your email address will not be published.