پاڪستان ٺاهڻ ۾ سنڌ اهم ڪردار ادا ڪيو: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ملڪ ٺاهڻ ۾ سنڌ اهم ڪردار ادا ڪيو، فوجي قوت کان وڌيڪ طاقتور اخلاقي قوت هوندي آهي ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجو جائزو نه وٺنداسين ته ڪير اسان جي مدد نه ڪندو.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب سنڌ جي نوجوانن جي وفد آءِ ايس پي آر جو دورو ڪيو، جتي سنڌي نوجوانن پاڪ فوج جي سربراهه کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍايو.

ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته سنڌ پاڪستان جي جان آهي ۽ ملڪ ٺاهڻ ۾ سنڌ اهم ڪردار ادا ڪيو، اسان کي ملڪ ان پاسي وٺي وڃڻو آهي جيڪو ان جو حق آهي، جيڪڏهن اسان ايمانداري سان پنهنجو جائزو نه وٺنداسين ته ڪير به اسان جي مدد نه ڪندو، اسان کي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي ته ميرٽ جي بنياد تي ڪم ڪرڻو پوندو.

پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته مذهب ٻين جو حق مارڻ جي اجازت نٿو ڏئي ۽ فوجي قوت کان وڌيڪ طاقتور اخلاقي قوت هوندي آهي، اسان ڪراچي کي دهشتگردن کان آزاد ڪرايو، پاڪستان جو مستقبل جمهوريت سان سلهاڙيل آهي ۽ نوجوانن جي هٿن ۾ آهي.

 

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نوجوانن کي پاڪستان جي قيادت لاءِ ترجيحون طئي ڪرڻيون آهن ۽ ليڊر طور پاڪستان جي رستو مقرر ڪرڻو آهي، اسان جون مائرون اهڙيون آهن، جيڪي ملڪ تي حياتيون قربان ڪندڙ ٻار پيدا ڪنديون آهن ۽ اسان جا نوجوان اهڙا آهن جو پگهر گهرندا آهيون ته رت ڏيندا آهن.

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.