ملير(رپورٽ ڌيان طلب) ملير جي عدالت ۾ پيشي لاءِ آندل زيادتي جو جوابدار ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندي ٻيي منزل تان ٽپو ڏئي زخمي ٿي ويو. ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون سيد شاڪر ٻڌايو ته جوابدار ٢٦ سالن جو انجم کي اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ ناري کي اغوا بعد زيادتي جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو هو، جنهن کي جاچ پوليس ملير ڪورٽ ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ آندو ته هن اوچتو ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندي عدالت جي ٻئي منزل تان ٽپو ڏنو، جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال نيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو

Leave A Reply

Your email address will not be published.