والاريل ڪشمير ۾ پاڪ فوج جي ترجمان جا پوسٽر لڳي ويا
سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور جا پوسٽر لڳي ويا.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل وادي جي روڊن ۽ گهٽين ۾ پاڪستاني فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور جا پوسٽر ۽ هينڊبلز لڳايا ويا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب پوسٽرن تي ڊي جي آءِ ايس پي آر جو ڪشميرين لاءِ آخري گولي ۽ آخري سپاهي تائين وڙهڻ وارو بيان لکيو ويو آهي.
واضح رهي ته ڀارت طرفان والاريل وادي جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ کانپوءِ ماٿري ۾ ڪرفيو لاڳو آهي، مواصلاتي نظام تي پابندي آهي ۽ ميڊيا جي نمائندن جي داخلا به بند آهي.