سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ اڄ ٻي ڌينهن  به تيز وسڪارو، عوام پريشان، بجلي بند،

ڪراچي ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان وقفي وقفي سان تيز برسات جو سلسلو جاري آهي، اڄ به شهر ۾ تيز برسات سبب  پهريان کان پاڻي هيٺ آيل علائقن ۾ ٻيهر پاڻي جمع ٿيڻ ڪري رهواسي مختلف پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. سندن مطالبو آهي ته پاڻي جي نيڪال لاءِ اثرائتا اپاءُ وٺي سندن پريشانيون ختم ڪيون وڃن، ٻيهر صورت ۾ هفتن جا هفتا پاڻي بيٺل هجڻ سان خطرناڪ بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي. تيز وسڪارو شروع ٿيندي ئي شهر جي ڪيترن ئي علائقن جي بجلي بند ڪئي وئي. شهر جي اهم شاهران ۽ ٻين ننڍن وڏن روڊ رستن تي پڻ پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري ٽريفڪ جام ٿي وئي، جنهن سبب گهرن ڏانهن واپس ويندڙ شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن

Leave A Reply

Your email address will not be published.