سيوهڻ: قاضي غلام رسول پاڙي جي رهواسي ٻن نينگرين نجي اسڪول جي پرنسپال طرفان مبينا طور ڏاڍائي جو ڪوشش ۽ ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي حوالي سان شڪايت ڪئي، جنهن بعد 10 ورهين جي نينگري (پ) ملاح جو والد پپو ملاح ۽ 9 سالن جي (خ) ملاح جو والد معشوق ملاح سيوهڻ ٿاڻي تي پهتا، جتي سندن فرياد تي اسڪول جي پرنسپال خلاف ڏاڍائي جي ڪوشش ۽ حراسان ڪرڻ وارو ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد ڪارروائي ڪري اسڪول جي پرنسپال توڙي مالڪ غلام مصطفيٰ مغل کي گرفتار ڪري ورتو. نينگرين جي والدين پوليس کي ٻڌايو ته اسڪول جو پرنسپال کين مختلف طريقن سان حراسان ڪري ٿو، موقعو ڏسي ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ کان به پاسو نه ڪندو آهي، سندسن ڌيئرون پريشاني ۾ وڪوڙجي ويون ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن.
نينگرين کي حراسان ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار پرنسپال الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته پوليس کيس گرفتار ته ڪيو آهي پر الزام ناهي ٻڌايو، باقي نينگرين جا وارث مٿس حراسان ڪرڻ جي حوالي سان جيڪي الزام لڳائي رهيا آهن اُهي بي بنياد آهن. هُن چيو ته ٻئي نينگريون هڪ ڏينهن اسڪول ۾ غير حاضر هيون، ٻئي ڏينهن وري سندن وارثن کيس تشدد جو نشانو بڻايو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.